تلھار/بدين(رپوٽ حنيف ملاح+رازق کوسو ) سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي ۽ زمينن تي والار خلاف ”سنڌ اسان جي ماءَ سنڌو ۾ اسان جو ساھ “ جي عنوان سان شروع ڪيل جاڳرتا مھم جي سلسلي ۾ ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ تلھار شھر پھتا جتي مقامي اڳواڻن راجه اعجاز خواجه ، مظھر حسين ڪھيري، شوڪت عمراڻي، اسلم سونارو،علي محمد آريسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھزارين پارٽي ڪارڪنن پاران استقبال ڪيو ويو، ڊاڪٽر قادر مگسي جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا آبادگار سارين جي پوکي لاءِ سدائين پاڻي جي کوٽ خلاف روڊن تي احتجاج ڪندي نظر آيا آھن ، وري جيڪڏھن سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال نڪتا ته پوء آبادگار پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ به سڪي ويندا، سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي سجاڳ ٿيڻو پوندو ، جيڪڏهن سنڌي قوم پنهنجي ڌرتي۽ وسيلن لاءِ نه جاڳي ته سنڌ فلسطين بڻجي ويندي ، انھي موقعي تي حيدر شاھاڻي،ھوت خان گاڏاھي، ڊاڪٽر سومار منڱريو،ڊاڪٽر احمد نوناري شاھنواز سيال،راجه اعجاز خواجه ، مظھر حسين ڪھيري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، هوڏانهن بدين ۾ ايوان صحافت اڳيان جلسو منعقد ڪيو ويو،ايس ٽي پي ڪارڪنن سنڌ دشمن پاليسي نامنظور سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا هنيا، ڊاڪٽر قادر مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال ٺاهڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي جنهن ۾ پيپلزپارٽي ۽ صدر آصف علي زرداري جو وڏو هٿ آهي ان کان سواءِ سنڌ جي 20 لک ايڪڙ زمين به جيڪا ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ ڏني پئي وڃي جنهن ۾ چين سعودي دبئي سيڙپڪاري ڪندا ته پوءِ عمرڪوٽ، ٽنڊو محمد خان، بدين جا ضلعا سمورا ويندا وڏي بربادي ايندي جيڪڏھن ملڪ هنن کي هلائڻو آهي ته هي منصوبا کين ختم ڪرڻا پوندا اسان جو مطالبو اهو آهي ته هي سنڌ دشمن منصوبا فوري ختم ڪيا وڃن