سنڌ هاءِ ڪورٽ لاءِ نامزد ججن جا سياسي لاڳاپا نڪتا

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ 13 ججن جي مقرري تي 46 نامزدگين تي غور ٿي رهيو آهي جن جا نالا جڊيشل ڪميشن ۾ پيش ڪيا ويا جڏهن ته ججن جي نامزدگين تي سياسي واسطو هجڻ جو انڪشاف ٿيو. نالن ۾ سياسي ۽ پارلياماني شخصيتن سان ويجهڙائي رکندڙن جا نالا شامل آهن. جمع ڪرايل نالن جي لسٽ موجب، ميران محمد شاهه پ پ جي اڳواڻ نويد قمر جو ڀاءُ آهي، ن ليگ اڳواڻ شاهه محمد شاهه جو پٽ ياسر شاهه به لسٽ ۾ شامل آهي. ٿرپارڪر مان پ پ جي قومي اسيمبلي ميمبر مهيش ملاڻي جو گهرڀاتي سنديپ ملاڻي به شامل آهي، جڊيشل ڪميشن ميمبر فاروق ايڇ نائڪ جي جونيئر شازيا هانجره جو نالو به ڏنو ويو. صحافي غلام عباس ڀنڀري جي پٽ نثار ڀنڀري، اڳوڻي اسيمبلي ميمبر گلزار انڙ جي پٽ امداد علي انڙ، اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور جي ڌيءُ عميما انور خان ۽ پيپلز لائر فورم جي صدر قاضي محمد بشير کي به لسٽ ۾ ڏنو ويو. ايم ڪيو ايم طرفان ذيشان آهدي، ذيشان  عبدالله ۽ عثمان علي هادي جا نالا تجويز ڪيا ويا. 46 نالن جي لسٽ ۾ 6 ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ۽ 40 وڪيلن جا نالا آهن. ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ججن ۾ سريش ڪمار، خالد حسين شاهاڻي، مشتاق احمد لغاري، تسنيم سلطانا، منور سلطانا ۽ امير علي مهيسر شامل آهن. وڪيلن ۾ علي حيدر، نثار حمد ڀنڀرو، رياضت علي ساحر، ميران محمد شاهه، راجا جواد علي سحر، عبيدالرحمان، رفيق احمد ڪلوڙ، عمائمه انور، محمد عثمان علي هادي. عمر لاکاني، منصور علي، ذيشان، عبدالله، جعفر رضا، ذوالفقار سولنگي، حق نواز ٽالپر، عبدالحامد ڀرڳڙي، فياض الحسن شاهه، محسن قادري شاهواڻي، قاضي محمد بشير، سنديپ ملاڻي، حسن اڪبر، احمد شاهه ۽ امداد علي شامل آهن. موڪليل نالن ۾ چوڌري عاطف رفيق، جمشيد ملڪ، عرفان مير هاليپوٽو، جان علي جوڻيجو، ولي محمد کوسو، فياض احمد، الطاف حسين، غلام محي الدين، راشد مصطفيٰ، ارشد زاهد علوي، طارق احمد شاهه ۽ صغير احمد عباسي جا نالا شامل آهن. وزير حسين کوسو، پرڪاش ڪمار، محمد ذيشان، ريحان عزيز، شازيه هنجرا جا نالا به لسٽ ۾ شامل آهن. ججن جي خالي جاين لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 23 جنوري تي ٿيندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 10 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.