قمبر(ڊ ر)عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجي صاحب جي گهرواري، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر زاهده شيخ جي ستين ورسي جي موقعي تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان قمبر ۾ سندس آخري آرام گاهه تي گلن جي چادر چاڙهي سلامي ڏني وئي،ورسي تقريب کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفي چانڊيو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماھ نور ملاح، حفيظان راهوجو ۽ عوامي تحريڪ ضلعي قمبر_شهدادڪوٽ ضلعي جي صدر امداد علي پٺاڻ ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته زاهده شيخ جو ڪردار سنڌ جي عورتن لاءِ اتساهيندڙ آهي، هوءَ هڪ انقلابي اڳواڻ هئي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن، پاڻيءَ تي ڌاڙا لڳي رهيا آهن، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڪاڇي جي ڏهه هزار ايڪڙ زمين فوج سان لاڳاپيل ڪمپني حوالي ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته گورک سنڌ جو تاريخي سياحتي ۽ ثقافتي ماڳ آهي، گورک تي قبضو سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب تي حملو آهي. سنڌ جي سياحتي ۽ ثقافتي ماڳن تي قبضا ڪرڻ لاءِ سنڌ جو امن امان تباهه ڪيو ويو آهي، ڌاڙيلن کي سرڪاري سرپرستي ۾ مچائي مواڙ ڪيو ويو آهي، ڌاڙيل مغوين کي زنجيرن سان ٻڌي تشدد ڪري وڊيوز وائرل ڪن ٿا پر سرڪار ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.