اصولي طور اهو حڪومت جو اخلاقي فرض هوندو آهي ته اها جنهن به منصوبي تي ڪم ڪرائي تنهن کي لڪائڻ يا ڳجهه ڳوهه ۾ ڪرڻ بدران واضح طور تي عوام کي ٻڌائي ۽ ان لاءِ حڪمران ٽي وي ۽ ريڊيو تي اچي قوم کي سڌو سنئون خطاب ڪن ته اڃان وڌيڪ بهتر آهي. اها ڪا سٺي ڳالهه ناهي ته عوام کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي ڳجهن ۽ تڪراري منصوبن بابت خبرون پون. اهڙيون ڳجهيون ۽ تڪراري خبرون تازو سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ خانگي ڪمپنين ۽ پنجاب حڪومت کي ڏيڻ بابت لاڳيتو رپورٽ ٿي رهيون آهن.ڪافي وقت کان اهي خبرون هلي رهيون آهن ته سنڌ جي 57 هزار ايڪڙ زمين گرين انٽيسٽيو منصوبي تحت ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏني پئي وڃي. جنهن تي سڄي سنڌ اندر سخت ردعمل ۾ احتجاج ٿي رهيو آهي.
رپورٽون آهن ته گرين پاڪستان پراجيڪٽ جي سلسلي ۾ روينيو کاتي پاران جوهي تعلقي جي 32 ديهن مان پهرين مرحلي ۾ 10 هزار ايڪڙ جي لکت ڪري ڏيڻ بابت پيپر ورڪ مڪمل ڪيو ويو آهي ان ڏس ۾ گرين پاڪستان ڪمپني جا نمائندا زمين جو دورو ڪندا. ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ ٽيم ان کان اڳ عمرڪوٽ، مٺي ۽ ٻين ضلعن جو دورو ڪري چڪي آهي جڏهن ته صدين کان آباد ڪاڇي واسين زمين جي مالڪي کسڻ جي خلاف مزاحمت ڪرڻ ۽ عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي دادو ضلعي انتظاميا ڪاڇي جي زمين خانگي ڪمپني جي حوالي ڪرڻ جي خبر کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪاڇي جي زمين نه ڪنهن کي ڏني آهي نه وري ڏيڻ جي تياري آهي. مقامي انتظاميا طرفان ڄاڻايو ويو آهي ته گورک هل اسٽيشن تي فقط وڻڪاري لاءِ زمين ڏني وئي آهي. ڊي سي دادو مختيار علي ابڙي جو چوڻ آهي ته ڪاڇي جي پنهنجي تاريخ آهي، ان جي چيڪي مٽي سان پيار آهي تنهن ڪري ڪاڇي واسي بي فڪر رهن ڪاڇي جي زمين جو انچ به ڪنهن خانگي ڪمپني کي نه ڏنو ويندو. هوڏانهن اهي به رپورٽون آهن ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ 14 هزار ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏني وئي آهي اهو معاهدو 20 سالن جي ليز تي هڪ گرين انيشيئٽو ڪمپني سان ڪيو ويو آهي. ان معاهدي تحت جيڪڏهن ڪمپني ٽن سالن اندر پوکائي شروع نه ڪري سگهي يا سنڌ حڪومت کي 40 سيڪڙو منافعو نه ڏئي سگهي ته معاهدو رد سمجهيو ويندو. ڪجهه دستاويز سوشل ميڊيا تي پڻ سامهون آيا آهن. ان حوالي سان وڏي وزير مراد علي شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ ۾ گرين انيشئيٽو لاءِ ڪا به زمين ناهي ڏني وئي پر جيڪڏهن ڏني ويندي ته اتي آبادي نه هوندي. سنڌ حڪومت پاڻ به غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ جو منصوبو رکيو آهي جيڪو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت شروع ڪنداسين. جڏهن ته سرڪاري ذريعن کان رپورٽن سان به معاهدا ٿيل آهن جنهن لاءِ پنجاب حڪومت سيڙپ ڪاري ڪئي وڃي ٿي ته اهي زرعي زمينون نه پر غيرآباد زمينون آهن. ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته اهي زمينون گهڻي ڀاڱي لائيو اسٽاڪ جي منيجمينٽ لاءِ ڏني وئي آهي اتي لائيو اسٽاڪ جا فارم لڳندا انهن لاءِ پوکائي ٿيندي. هوڏانهن پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي اڳواڻن به ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ، پنجاب، سرائيڪي، وسيب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جون لکين ايڪڙ زمينون ملٽي نيشنل ڪمپنين کي مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جا حڪمران وڪرو ڪري ملڪ دشمن ۽ هاري دشمن عمل ڪري رهيا آهن.
اها انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي ته اڄ جون حڪومتون ڳجهه ڳوهه ۾ تڪراري منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ عوام کي ميڊيا ذريعي ئي انهن بابت تفصيل معلوم ٿي رهيا آهن جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي. اصولي طور تي ڏسجي ته سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ وارو معاملو هجي يا سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ جو معاملو هجي عوام جي چونڊيل حڪومت کي اخلاقي طور تي سنڌي عوام ۽ سنڌ عوام جي نمائنده سياسي جماعت کان پڇڻ گهرجي. حڪومت کي اهڙن وڏن فيصلن جو پاڻمرادو اختيار ناهي هوندو ۽ ڪنهن به جمهوري حڪومت جو اهو وڙ ناهي هوندو ته اها عوام کي ٻڌائڻ ۽ اعتماد ۾ وٺڻ بدران لڪ ڇپ ۾ سندن مرضي خلاف فيصلا ڪندي وتي.ٻيو نه ته اقتداري ايوانن ۾ انهن کي پنهنجا منصوبا پيش ڪرڻ گهرجن ته جيئن اهو تاثر نه جڙي ته حڪومت ڳجهه ڳوهه ۾ تڪراري فيصلا ڪري دال ۾ ڪجهه ڪارو هئڻ جو خدشو ڏيکاري رهي آهي.
اصل ۾ اهڙا ڳجها ۽ تڪراري منصوبا ان ڪري ئي آندا ويندا آهن جو حڪمرانن کي ڀلي ڀت اندازو هوندو آهي ته انهن تي عوام راضي نه ٿيندو، اين او سي نه ڏيندو پر ڳالهه لڪندي ناهي. خاص ڪري ميڊيا جي جديد دور ۾ ته حڪومتون ڳجهه ڳوهه م ڪجهه به نه ٿيون ڪري سگهن. ميڊيا پنهنجن ذريعن وسيلي سڀ ڪجهه بي نقاب ڪري ڇڏيندي آهي جيئن سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ کي ڏيڻ وارا منصوبا بي نقاب ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي به حڪومتون انهن خبرن تي ڪجهه تصديق ته ڪجهه ترديد ڪري رهيون آهن يعني مڪمل طور تي اقرار نه ٿيون ڪن ڇاڪاڻ ته سنڌي عوام انهن منصوبن جي سخت خلاف ۽ سراپا احتجاج آهي.
پر افسوس ته پوءِ به حڪومتون غير جمهوري پاليسي اختيار ڪندي پنهنجن منصوبن ۽ فيصلن تي بضد آهن جنهن جو آخري نقصان کين ئي ٿيندو.سو سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ وارو معاملو هجي يا سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ جو معاملو هجي سنڌ جو باشعور عوام انهن منصوبن کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿو. سنڌ جو عوام سنڌ جي زمينن تي حڪمرانن کي کي واپار ڪرڻ يا ڪمائڻ جي اجازت نه ڏيندو. غير آباد زمينون چئي يا ان جي آڙ ۾ سنڌ جون زمينون کپائڻ نه ڏيندو پر جيڪڏهن حڪومت جي نيت خراب ناهي ۽ اها سنڌ ۽ سنڌي عوام جي مفاد ۾ سوچي ٿي ته پوءِ سوال اهو آهي ته لڪ ڇپ ۾ انهن منصوبن تي ڇو ڪم ٿي رهيو آهي.عوام کان اين او سي ڇو نه ٿي ورتي وڃي؟