راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو نه ٻڌائي مون تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته هو 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو ڇو نٿا ٻڌائين؟ هو اصل ۾ مون تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر مان ڪنهن به صورت ۾ ڊيل نه ڪندس، هو جڏهن به ڪو فيصلو ڪندا ته عالمي سطح تي شرمساري کي منهن ڏيڻو پوندو. اڳوڻي وزيراعظم جواب ڏنو ته بشرا بي بي تي ڊيل جا الزام سچ ناهن. جيڪو به ڳالهين جو عمل ٿيندو اهو مذاکراتي ٽيم ڪندي، جيڪڏهن حڪومت ڳالهين لاءِ سنجيده آهي ته پوءِ نتيجو ڪڍندو، ٻي صورت ۾ اهو وقت ڪڍيندا رهندا. منهنجي ڳالهين واري ڪميٽي حڪومت کان ڪنهن به مطالبي سان مون وٽ نه آئي، جيڪڏهن حڪومت کين ملڻ جي اجازت ڏئي ته هو مون سان ڳالهائيندا. عمران جو چوڻ آهي ته جنرل يحيٰ جو مارشل لا بدترين مارشل لا هو. جنرل ضياءَ جي مارشل لا ايتري خراب نه هئي. مشرف جي مارشل لا به ايتري خراب نه هئي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ ميڊيا جي آزادي هئي،ان عرصي دوران مان پاڻ جيل ويس. پر 9 مئي تي تشدد ٿيو، خوف سبب ماڻهو چپ ٿي ويا، پوءِ به اسان جا ڪارڪن شهيد ٿيا، پر 26 نومبر جي ڳالهه ڪريو، ان واقعي کي وساري نه ويهنداسين، کين جواب ڏيڻو پوندو. تاثر ڏنو پيو وڃي ته اين آر او وٺي ٻاهر نڪران پيو، گهر ۾ نظر بند ڪري مون کي خاموش ڪرڻ چاهين ٿا. اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڀيڻ عليما خان دعويٰ ڪئي آهي ته ميڊيا کي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته عمران خان جا بيڪ ڊور رابطا ۽ چينل به ٿي رهيا آهن پر هن واضح ڪيو ته ڳالهين واري ڪميٽي جو ڪنهن سان به رابطو ناهي.اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته عمران خان کي اهو تاثر ڏنو وڃي ته هو اين آر او کڻي آيو آهي.