واخان لنگهه بابت ڪجهه ڏينھن ۾ جيتري معلومات گذريل ھفتي کن ۾ ملي آھي، ان کان اڳ نھ ملي ھئي. اھو پاڪستان جي چترال سان لڳندڙ هڪ ڊگهي سرحدي پٽي آهي، جيڪا هاڻي افغانستان جو حصو آهي. سوشل ميڊيا تي هلندڙ پوسٽن موجب اها گڏيل هندستان جو حصو هو ۽ برطانيا روس جي سڌي پاڙيسري ٿيڻ جي خطري کي نظر ۾ رکندي ان کي افغانستان جي عملداري ۾ ڏئي ڇڏيو ھو. تنهن ڪري جيڪڏهن پاڪستان ان تي قبضو ڪري ٿو وٺي ته اھو جائز ھوندو ڇاڪاڻ ته اهو تاريخي طور پاڪستان جو حصو آهي.
اھڙي پوسٽ اوچتو ڇو ٽرينڊ ڪري رهي آهي ۽ ڇا واقعي ائين آهي ته واخان جغرافيائي ۽ تاريخي طور پاڪستان جو حصو آهي؟ واخان ڪوريڊور ڇا آهي ۽ ان جي پاڪستان، افغانستان، چين ۽ خطي لاءِ ڪهڙي اهميت آهي؟ ان جو جائزو وٺون ٿا جئين حقيقتن ۽ مفروضن جي وچ ۾ فرق کي سمجهي سگھجي.
واخان لنگهه ڇا آهي؟ افغانستان جي صوبي بدخشان ۾ واقع واخان جي سوڙھي پٽي 350 ڪلوميٽر ڊگھي ۽ 16 کان 64 ڪلوميٽر ويڪري آهي. دنيا جي ٽن وڏن جابلو سلسلن ۾ ڦاٿل هي لنگهه ان لحاظ کان منفرد آهي ته اهو چئن ملڪن پاڪستان، افغانستان، چين ۽ تاجڪستان کي ڳنڍي ٿي.
واخان لنگهھ کي شاھراھ ريشم سان قومن کي ڳنڍڻ جي پل بھ چيو ويندو آھي.ڇو تھ پاڪستان سان ان جي 300 ڪلوميٽر، تاجڪستان سان 260 ڪلوميٽر ۽ چين سان 74 ڪلوميٽر سرحد ملي ٿي.”گريٽ گيم“ دوران، جڏهن روس ۽ برطانيھ وچ ۾ اسٽريٽجڪ تڪرار انتها تي هو، تڏھن واخان لنگهه کي ٻنهي ملڪن ۾ بفر زون جي حيثيت حاصل ھئي.ان جي الهندي حصي کي پنج دريا جي وادي سڏبو آھي، جيڪا گھٽ اونچائي تي واقع آهي، جڏهن ته پامير نديءَ سان لڳ اونچائي يا مٿانهين حصي کي اپر واخان سڏيو وڃي ٿو. قراقرم، هماليه ۽ هندو ڪش جي بلند چوٽين جي ڪري هن علائقي کي ’بام دنيا‘ يعني دنيا جي ڇت سڏيو وڃي ٿو.
واخان جي معيشت شاھراھ ريشم سان ڳنڍيل هئي،واخان جي تاريخ ق.م تائين پکڙيل آھي.جيڪا طاقت اڀري واخان ان جي اثر هيٺ آئي. جنھن ۾ ساساني، سفيد هُنن، ترڪ سلطان، تبتي بادشاه، چيني ٿانگ بادشاه، ايران جا ساماني بادشاهه ۽ ترڪ منگول شامل آھن.ڪشان دور ۾ (50 ق. م کان 250 عيسوي) تائين ھتي چين جو اثر هو، ڇاڪاڻ ته ان جو اهم واپاري رستو، شاھراھ ريشم هن علائقي مان گذري وچ ايشيا ۽ يورپ ڏانهن ويندو ھو.شاھراھ ريشم هتان کان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو، هڪ حصو اڄوڪي گلگت بلتستان مان لنگهندو ھو ۽ ٻيو حصو واخان مان لنگهي ٿو.
افغانستان ۽ وچ ايشيا ملڪن ڏانهن ويندڙ قافلا واخان جو ئي رستو استعمال ڪندا ھئا. هتي جا مقامي حڪمران چين جا مددگار هئا، جن کي هن اهم شاهراهه تي امن امان برقرار رکڻ جي ذميواري سونپي وئي هئي.واخان ۾ اڄ بھ ڪشان دور ۾ تعمير ٿيل مندرن، قلعن ۽ ٻڌ ڌرم جي خانقاھن جا آثار ملن ٿا. 10 صدي عيسويءَ ۾، چين جي ٿانگ بادشاهن جي دور ۾،شاھراھ ريشم جي اهميت گهٽجي وئي، ڇاڪاڻ ته سامونڊي رستن کان واپار وڌي ويو ھو. جنهن سان واخان جي معيشت گھڻي متاثر ٿي.
ھريٽ گيم ۽ واخان لنگهھ: اوڻيهين صديءَ ۾ جڏهن ھڪ طرف روسي فوجن جي اڳڀرائي جاري هئي، ته ٻئي طرف انگريزن جون نوآباديون تيزيءَ سان وڌندڙ روس جي دروازن تائين پهچي چڪيون هيون. اھو دور ئي واخان سميت پامير ۽ هندو ڪش جي شاهي رياستن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊرامائي دور چيو وڃي ٿو. افغانستان، چين ۽ بخارا جا امير سڀ واخان تي پنھنجي دعويٰ ڪري رهيا هئا.
برطانيه روسين کي هر قيمت تي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ پئي چاھيو. هن پنهنجا ڪيترائي جاسوس واخان ڏانهن موڪليا ته جيئن ڪنهن روسي سرگرميءَ جو کين بروقت پتو پئجي سگھي.انهن جاسوسن ۾ مسلمان به شامل هئا، انھن برطانيه کي ھتي جي تاريخ، ثقافت ۽ سماج بابت معلومات به پهچائيندا رھيا.روس ۽ برطانيه جي وچ ۾ پس منظر ۾ چينل ڊپلوميسي بھ ھلندي رھي. جنهن جو مقصد روس کي اتر طرف ڪنھن بھ اڳڀرائي کان روڪڻ ھو. جنھن سان هندستان جي سلامتي کي خطرو ٿي پئي سگهيو. آخرڪار 1873ع ۾ روس ۽ برطانيا وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن کي ’گرين ويل-گورچاڪوف ٽريٽي‘ چيو ويندو آهي. گورچاڪوف روسي ۽ گرين ويل برطانوي پرڏيهي وزيرھئا.معاهدي ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته ٻئي ملڪ افغانستان ۽ واخان جي وچ ۾ آمو نديءَ کان پامير تائين بفر زون قائم ڪندا.واخان جو حاڪم مير سڏبو هو جيڪو بدخشان جي ماتحت هو. ان وقت برطانيه ٻنهي افغانستان ۽ چين سان گڏجي واخان کي افغانستان يا چين جو مستقل حصو بڻائڻ لاءِ ڪافي محنت ڪئي، جنهن جو مقصد روس کي پري رکڻ ھو. واخان جو چترال سان الحاق ٿيندي ٿيندي رھجي ويو. 1926ع ۾ هڪ اهڙو موقعو به آيو جڏهن مقامي حاڪم مير علي مردان شاهه واخان کي چترال سان ملائڻ پئي چاهيو، پر انگريزن کيس ائين ڪرڻ نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته چترال جو والي انگريزن جي ماتحت هو ۽ ان صورت ۾ روس واخان تي حملو ڪري ڏئي ھا.
هڪ ٻي رنڊڪ برطانيا ۽ روس جي وچ ۾ مارچ 1895ع جو معاهدو هو، جنهن تحت ٻنهي ملڪن کي پابند ڪيو ويو هو ته هو پنهنجي دائري اختيار کي وڌيڪ نه وڌائين ۽ واخان هڪ بفر زون رهندو. ساڳئي معاهدي موجب واخان جي سوڙھي پٽي افغانستان جي امير عبدالرحمان جي نگرانيءَ ۾ ڏني وئي.
واخان ٻيھر اهم ڇو ٿي ويو آهي؟10،300 چورس ڪلوميٽرن تائين پکڙيل واخان جو لنگهھ ۾ 20 ھزار واخي ۽ پاميري رھن ٿا.پر انھن جي قسمت 1838 ع ۾ روس چين گريٽ گيم ،1949 ۾ چين جي انقلاب ۽ 1980ع ۾ افغانستان ۾ روسي مداخلت ۽ 2001 ۾ افغانستان ۾ آمريڪا جي اچڻ باوجود مقامي ماڻھن جي قسمت ۾ ڪو ڦيرو نھ آيو آھي.واخان پاڪستان لاءِ وچ ايشيا ۽ چين لاءِ افغانستان پهچڻ لاءِ ننڍڙو رستو آهي. طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ افغانستان ۾ چين جي سيڙپڪاري ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. افغانستان ۾ھڪ اندازي موجب 10 کرب ڊالرن جي معدنيات موجود آهن، جنھن ۾ سون، چاندي، ٽامون، لوهه، ايلومينيم، ليٿيم، پارو، زنڪ ۽ ٻيا نادر ڌاتو شامل آهن.
طالبان حڪومت گذريل سال چين کي معدنيات جي شعبي ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي آهي. ان ڪري واخان ڪوريڊور هڪ ڀيرو ٻيهر اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. افغانستان ۽ چين واخان کي چين جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو حصو بڻائڻ تي به ڳالهيون ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن ائين ٿيو ته واخان ذريعي پاڪستان به چترال ذريعي متبادل رستي ذريعي چين سان ڳنڍجي ويندو.
مشهور برگول لڪ ( يا بروغل لنگهھ) پاڪستان کي واخان سان ڳنڍي ٿو. واخان ۾ چين جي اقتصادي مفادن سان شايد پاڪستان جي سيڪيورٽي خدشن کي به گهٽائي سگهجي ٿو.جيڪو ان کي هندستان طرفان تاجڪستان ۾ ھڪ دفاعي ايئرپورٽ جي تعمير سبب درپيش آھي.هي ايئرپورٽ تاجڪستان جي ان علائقي ۾ هندستان 2007 ۾ ٺاھيو ھو.جيڪو واخان سان لڳل آهي. جيتوڻيڪ افغانستان جو بدخشان صوبو پرامن علائقو آهي جيڪو طالبان جي دور ۾ طالبان مخالف قوتن جي قبضي ۾ هو، پر ماضي ۾ ھتي شدت پسند گروپن جهڙوڪ حرڪت مجاهدين، اسلامڪ اسٽيٽ، جندالله، تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ داعش جي موجودگي رھي آهي.
باجوڙ سان گڏيل افغان بارڊر تان ٽي ٽي پي مسلسل مداخلت ڪري رهي آهي.شاھراھ ريشم تي چيني منصوبن تي وڌندڙ حملن پاڪستان کي به ناراض ڪيو آهي. ان صورتحال ۾ واخان ۾ انتهاپسند گروپن جي موجودگي سان پاڪستان ۽ چين ٻنهي جي سلامتي خطرو ھيٺ آھي.
(انڊپينڊنٽ اردو نيوز جي ٿورن سان)