سنڌ جي پرائمري ايجوڪيشن سيڪٽرکي ڪيئن بهتر بڻائجي‎

تحرير: زائر مهيسر

دنيا جي ڪا به قوم علم کان بغير نه زندھ رهي سگهي آھي ۽ نه وري ترقي جون منزلون ماڻيون آھن ڇو  ته تعليم ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جهڙي اهميت رکي ٿي. اهڙي طرح ڪا به قوم تعليم  کانسواءِ  ترقي جي رستي تي اڳتي وڌي نٿي سگهي.

پاڪستان ۾ سنڌ واحد صوبو آھي، جيڪو تعليم جي لحاظ کان تمام گهڻو پٺتي پيل آھي. دنيا ۾ پرائمري ايجوڪيشن کي هائير ايجوڪيشن جو بنيادي ڏاڪو سمجهيو ويندو آھي ڇو  ته معياري پرائمري ايجوڪيشن کان سواءِ هائير ايجوڪيشن انساني ۽ سماجي ترقي ۾ ڪو به ڪردار ادا نه ٿي ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ پرائمري ايجوڪيشن سيڪٽر بنيادي طور ٻن حصن ۾ ورهايل آھي.

پبلڪ ايجوڪيشن سيڪٽر ۽ پرائيوٽ ايجوڪيشن سيڪٽر پر سنڌ دنيا جو اهو واحد بدنصيب صوبو آھي، جتي پرائمري ايجوڪيشن سيڪٽر پنجن حصن ۾ ورهايل آھي، جنهن ۾ پبلڪ ايجوڪيشن سيڪٽر، پرائيوٽ ايجوڪيشن سيڪٽر، مدارس سسٽم، اليٽ اسڪولنگ ۽ آرمي اسڪولنگ سيڪٽر شامل آھن. پبلڪ سيڪٽر جي ڀيٽ ۾  ٻين چئن سيڪٽرن ڪنهن حد تائين بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آھي، جڏهن  ته مدارس سسٽم صرف مذھبي تعليم جو مرڪز رهيو آھي، ان ايجوڪيشن سيڪٽر تي پڻ ڪيترائي سواليه نشان آھن.

پبلڪ ايجوڪيشن سيڪٽر ان کي چئبو آھي، جنهن کي ڪا به حڪومت پنهنجي سرپرستي هيٺ هلائيندي آھي. سنڌ ۾ هن وقت پرائمري اسڪولن جو تعداد لڳ ڀڳ 46،044 آھي. سنڌ اندر اسڪولن جو ايترو انگ هجڻ باوجود به پبلڪ ايجوڪيشن سيڪٽر ڪي خاطر خواھ نتيجا ڪونه ڏئي سگهيو آھي. ان جا کوڙ سارا سبب آھن، جن ۾ جاگيرداري، استادن جي کوٽ، انفرا اسٽرڪچر جو مڪمل نه هجڻ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ، استادن ۽ والدين جو غيرذميوارڻو رويو ۽ ٻيا ڪيترائي اڻ ڳڻيا سبب آھن. انهن سببن جي  حل لاءِ سنڌ حڪومت کي جان ڊيوي تعليم ماڊل اپنائڻ جي سخت ضرورت آھي، جيئن سنڌ جو پرائمري ايجوڪيشن سيڪٽر جديد طرز عمل تي ڪم ڪري انساني ۽ سماجي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار نڀائي سگهي.

جيڪي سماج معاشي طور سگهارا هوندا آھن، اهڙن سماجن جو تعليم ڏانهن رويو مثبت هجي ٿو. انهن سماجن اندر پرائمري تعليم کي زندگي جي جياپي جو سبب بڻايو وڃي ٿو پر سنڌي سماج مجموعي طور معاشي لحاظ کان ڪمزور آھي تنهن ڪري ان جو تعليم ڏانهن مثبت رويو هجڻ بجاءِ منفي رويو آھي.

اسڪول جو ماحول: اسڪول جو ماحول شاگردن جي سکڻ واري مرحلي ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. اسڪول جي ماحول مان مراد اها آھي  ته شاگردن ۽ استادن وچ ۾ مثبت رابطي جو ڳانڍاپو هجڻ انتهائي ضروري آھي، جنهن سان تعليم جو معيار بهتري طرف وڌي ٿو. ان سان گڏوگڏ اسڪول جي ماحول جو سموري اسٽاف سان مثبت ۽ دوستاڻو رويو پڻ اولين گهرجن منجهان هڪ بنيادي گهرج آھي. سوشل ڪيپيٽل: سوشل ڪيپيٽل هڪ سوشل رليشنشپ آھي، جيڪو شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم بابت همٿائيندڙ ۽ معلومات شيئر ڪرڻ وارو مڪينزم آھي ڇو  ته تعليم جي آئوٽ پٽ ۽ ان پٽ سڌي ريت سوشل ڪيپيٽل سان جڙيل آھي.

ڪنهن به سماج اندر تعليم تڏهن ئي بهتر ٿي سگهي ٿي، جڏهن ان سماج جا فرد استان مان اميدون رکندا ۽ نتيجي طور استاد انهن اميدن ۽ خوابن جي ساڀيان لاءِ پاڻ پتوڙيندا  ته شاگرد ۽ شاگردياڻيون خودبخود تعليم طرف مائل ٿي تعليم جي اهميت ۽ افاديت کي سمجهڻ لڳندا. غير نصابي سرگرميون تعليم لاءِ بيحد ضروري آھن ڇو اڪيڊمڪ پرفارمنس اهڙن سرگرمين ذريعي وڌي ٿي، جنهن ذريعي شاگردن ۾ پڙھائي جي رجحان ۾ اضافو ۽ باشعور ذھن سازي جو عمل تيزي سان وڌي ٿو. اهڙين سرگرمين ۾ اسپورٽس، آرٽس ۽ ڪلب سوسائيٽيز اچن ٿيون.

مٿي بيان ڪيل جان ڊيوي جي تعليمي ماڊل کي مشاهدو ڪندي جڏهن سنڌ جي پرائمري ايجوڪيشن سيڪٽر تي نظر وجهون ٿا  ته معلوم ٿئي ٿو  ته سنڌ جا پرائمري اسڪول جان ڊيوي ماڊل تي پورا نظر ڪونه پيا اچن. سنڌ حڪومت هن وقت تائين پرائمري ايجوڪيشن سيڪٽر کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ جيڪي به اپاءُ ورتا آھن، اهي سڀ اپاءُ تقريبن ناڪامي  کانسواءِ ڪجهھ به ناهن ڏئي سگهيا. سنڌ حڪومت کي گهرجي  ته سنڌ اندر پرائمري ايجوڪيشن سيڪٽر کي جان ڊيوي ماڊل تي هلائي، جيئن پرائمري ايجوڪيشن سيڪٽر اثرائتو بڻجي سگهي ۽ انساني ۽ سماجي ترقي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.