انوکي ڏات جو شاعر: شيخ اياز

تحرير: ساڀيان سانگي

آغا سليم لکيو آهي ته ”شيخ اياز سنڌيءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن شعوريءَ طرح ماضيءَ ڏانهن موٽ کاڌي ۽ حال جي قومي ڪسپمرسيءَ واري حالت ۾ ماضيءَ کان پنهنجي قومي عظمتن جا راز سلايا. اياز جي ماضيءَ ڏانهن موٽ جو سبب هن جي قومي عظمت جي مجروح احساس مان جنم وٺندڙ شدت پسنديءَ واري قومپرستي هو.اياز جيڏو وڏو شاعر هو ايڏو ئي پڙهيل به هو. هن دنيا جي ادب کي آگهاريو هو ۽  هن کي دنيا جي نت نون ادبي ۽ فني لاڙن جي ڄاڻ هئي پر هن پنهنجي جيءَ جون جڙون سنڌ جي مهن جي دڙي تائين پکڙيل تهذيب، ڪلاسيڪي شاعري، تاريخ، سنڌ جي ٿرن برن ۾ گونجندڙ لوڪ گيتن ۽ سنڌ جي هانءَ مان ڦٽندڙ لوڪ داستانن ۾ لڳايون. هن سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن، شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف وانگر سنڌي لوڪ داستانن جا سر به لکيا ته لوڪ گيتن جي تضمين ۾ پنهنجي دور جي درد ۽ ڌرتيءَ جي دک جا گيت به چيا.“

اها حقيقت آهي ته شيخ اياز شعوري طور تي پنهنجي شاعريءَ جون پاڙون عظيم ڪلاسيڪيت ۽ ماضيءَ ۾ پوکيون ۽ انهن جي آڌار پنهنجي شاعريءَ جي وڻ کي هڪ اهڙي اجگر درخت طور وڌايو ۽ ڦولدار بڻايو جو ان جي خوشبو سموري جديد سنڌي شاعريءَ کي واسي ڇڏيو. سندس شاعريءَ جي خوشبوءِ لڳ ڀڳ هر جديد شاعر ۾ پسي سگهجي ٿي. نتيجي طور تي اسان جڏهن شيخ اياز جي شاعري پڙهنداسين ته اسان کي محسوس ٿيندو ته سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي عظيم ڪلاسيڪي شاعريءَ جو هڳاءُ به موجود آهي ته ان ۾ جديد ترين شاعريءَ جو حسن پڻ موجود آهي. شيخ اياز لطيف سائينءَ جي طرز تي مختلف سر به چيا آهن، ته بيتن ۾ پڻ ساڳيو رنگ رکيو آهي. سندس هي بيت ڏسو،

ڇاتيءَ تي ميهار جي، سهڻيءَ ڇڙيل وار،

جھر جھر هوا جھنگ جي، اوندهه انڌوڪار،

پَسائي ٿي پيار، ڀر تي دکي باهڙي.

 

اڪن نيرا ڦليا، مٿان مينهن وسن،

سارو ڏينهن گسن، ڪارونجھر سان ڪڪريون.

هنن بيتن جي پيشڪش توڙي استعارا ۽ تشبيهون سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ وانگر ئي آهن يعني  انهن ۾ ڪلاسيڪي رنگ شامل آهي پر ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته شيخ اياز جي پيشڪش مختلف ۽ منفرد آهي.نه صرف ايترو بلڪه هو اعلانيه چوي ٿو ته آئون ڄڻ ته ڀٽائي جو تسلسل آهيان.

”منهنجا گيت ڀٽائي تنهنجي

جنگ پيا جوٽن

تو وٽ جو دنبورو هيو

تو ڪالهه تعصب جي سر تي ڦهڪايو هو

تو جا وائي ڳائي هئي،

بيت به جيڪو ڳايو هو

سنڌ ديس جي ڌرتيءَ تي ڦهلايو هو

ان ۾ ڪائي جنگ هئي، ڌرتي ڪيڏو تنگ هئي

ڪالهه تعصب وارن کان

تن ککيءَ جي کارن کان

ماڻهو ماڻهوءَ جي من ۾

جن ڪا بدبو ڦهلائي هئي

هوءَ جا تنهنجي جنگ هئي

سا اڄ تائين جاري آ!

هن نظم ۾ شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ کي لطيف سائين جي شاعريءَ جو تسلسل سڏيو آهي. ساڳيوسلسلو هن پاڻ کان پوءِ ايندڙ شاعرن ۾ پڻ ڏسڻ چاهيو آهي.هونئن ته سنڌي ٻوليءَ جي هر جديد شاعر تي شيخ اياز جو اثر آهي پر اياز پنهنجي عهد جي وڏن شاعرن تي پڻ اثر انداز ٿيو آهي. امداد حسينيءَ جون هي سٽون ڏسو،

ڇالاءِ نيري ڍنڍ ۾ ترندڙ ڪنول ٻڏن

ڪجهه ٻول، ڪجهه ته ٻول، تون موتي ائين نه رول،

تون ٻار وانگي روئي پئين

ٿي اي منهنجي دل،

مون وٽ نه شئي نه ٽول، تون موتي ائين نه رول!

شيخ اياز جي نظم جون سٽون آهن.

ائين نه مون کي رول

تون ئي مون کي ڳول،

توکي ڳولهي آنءُ،

ڪڏهن ته پاتو ٿانءُ،

آءُ منهنجا ڍول،

تون ئي مون کي ڳول.

مطلب ته اياز پنهنجي ڪلاسيڪي شاعريءَ سان گهرو ناتو جوڙي همعصر شاعرن کي متاثر ڪري ايندڙ دور جي شاعرن لاءِ رستا هموار ڪيا آهن. هڪ وڏي شاعر جي اها ئي خوبي آهي ته هو هڪ ئي وقت ماضي، حال ۽ مستقبل سان ڳنڍيل هوندو آهي. لاشڪ شيخ اياز اهڙي ئي انوکي ڏات جو شاعر آهي، جنهن ماضي، حال ۽ مستقبل کي گهڻو ويجهو ڪري ڇڏيو آهي.

مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.