سياسي جماعتن جي اندر به جمهوري روايتون مضبوط نه ٿي سگهيون: صفدر عباسي

ڪراچي: گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي اڳواڻ صفدر عباسي چيو ته ملڪ ۾ ادارن جي ساک ۽ قانوني حيثيت جو بحران پيدا ٿي چڪو آهي۔هن چيو، "اسان ملڪ ۾ حقيقي جواز پيدا نه ڪري سگهيا آهيون ۽ ڪو به ادارو مڪمل طور عوامي اعتماد حاصل نه ڪري سگهيو آهي۔” صفدر عباسي چيو ته جيتوڻيڪ مختلف وقتن تي جمهوري قوتن مزاحمت ڪئي، پر سياسي جماعتن جي اندر به جمهوري روايتون مضبوط نه ٿي سگهيون۔ هن چيو ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن جمهوريت کي نقصان پهچايو آهي۔هن خبردار ڪيو ته ملڪ انتشار ڏانهن وڌي رهيو آهي جڏهن ته معيشت سخت مشڪلاتن جو شڪار آهي۔ سندس چوڻ هو ته حڪومتي آمدني جو لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو حصو قرضن جي ادائيگي ۾ خرچ ٿي وڃي ٿو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.