28ترميم کي بدنام ڪيو ويو آهي، سٺيون شيون قبول ڪنداسين: راشد شاهه

گمبٽ (رپورٽ:شير محمد ناريجو) گمبٽ ۾ فنڪشنل ليگ زونل آفيس جي افتتاح جي موقعي تي سيد راشد شاھ خطاب ڪندي چيو ته اسين عوام جا ورڪر آهيون. اسان جو قائد صرف پير سائين پاڳارو آهي. انگريزن سکن سميت هندستان سان جنگ ٿي آهي ته ان ۾ حرمجاهد گڏ هوندا آهن. پير صاحب جي حڪم تي سيد راشد شاهه ۽ اسماعيل شاهه به جنگ تي وڃي سگھن ٿا.هن وڌيڪ چيو ته پ پ ٺڳي ذريعي اليڪشن کٽي ويندي  آهي، هاڻي کين ٺڳي ڪرڻ ڪو نه ڏينداسين. بلاول زرداري ڀٽو پاڻ چوي ٿو ته اوهان فارم 45 تي اليڪشن کٽي اچو، اسان فارم 47 تي کٽي اينداسين. 28 ترميم کي بدنام ڪيو ويو آهي. اها ڪنهن کي به خبر نه آهي ته 28 ترميم ڇا آهي. 28 ترميم ۾ جيڪي سٺيون شيون هونديون انهن کي مڃينداسين ۽ جيڪي غلط هونديون انهن جي مخالفت ڪنداسين. پ پ پاڻ وفاق ۾ ويٺي آهي سنڌ ۾ 33 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي ان کي وفاقي حڪومت سان ڳالهائڻ گھرجي. سنڌ ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي پ پ پاڻ سنڌ ۾ بدامني ڪري ماحول خراب ڪري رهي آهي ۽ سردار معظم علي عباسي کي پير صاحب ايم اين اي جي سيٽ لاءِ واضع ڪري ڇڏيو آهي. مخالف معظم عباسي کي جيترو سادو سمجھن ٿا اهو انهن لاءِ ملڪل موت آهي ان موقعي سردار معظم خان عباسي خطاب ڪندي چيو ته مان تبديلي جو جهنڊو کڻي نڪتو آهيان سورهيه باد شاده جي ٻچڙن سان گڏجي تبديلي جي شروعات  گمبٽ کان ڪئي.

۽ گمبٽ ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي ڊويزنل سيڪريٽريٽ آفيس مون کولرائي آهي ۽ توهان کي جنگ جوٽي ڏيکارينداسين سائين محمد راشد شاھ راشدي ۽ سيد محمد اسماعيل شاھ راشدي ۽ مان فنڪشنل مسلم ليگ جو گهر گهر پيغام پهچائڻ لاء نڪتا آهيون  سيد محمد اسماعيل شاه راشدي ۔پيرآف گمبٽ پير سيد نورالهدي شاھ جيلاني ۔ڪامريڊ نثار احمد ابڙو  ۽ ٻين خطاب ڪيو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.