وڏين ڪارپوريشنن ۽ حڪومت وچ ۾ عوام دشمن ڳٺ جوڙ

تحرير: ڊاڪٽر سڪندر مغل

بوئنگ جھاز ٺاهيندڙ آمريڪي ڪمپنيءَ جو جھاز بوئنگ 737 مئڪس (Boeing 737 Max)، 29 آڪٽوبر 2018 ۾ حادثي جو شڪار ٿيو ۽ ان ۾ سوار سمورو عملو ۽ مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا. ساڳئي نموني 11 مارچ 2019 ۾ ائٿوپين ايئرلائين جو ساڳيو جھاز بوئنگ 737 مئڪس به ساڳي طرح حادثي جو شڪار ٿي ويو. انھن حادثن جي تحقيقات ڪندڙ ٽيمن اهو نتيجو ڪڍيو ته بوئنگ ڪمپني ٽيڪنيڪي طور هڪ نقص وارو جھاز ٺاهيو آهي، جنھن جي ڪمپنيءَ کي اڳواٽ ئي خبر هئي. ڪمپنيءَ مٿان ماڻهن جي وارثن ڪيس ڪيا ۽ ڪمپنيءَ تي 2.5 ارب ڊالرن جو آمريڪي حڪومت طرفان ڏنڊ وڌو ويو، جنھن مان مري ويل مسافرن جي خاندانن کي رڳو 50 ڪروڙ ڊالر معاوضي طور مليا.

آمريڪي حڪومت، بوئنگ ڪمپنيءَ مٿان مھربان رهي آهي. 2015 ۾ ڪيل هڪ اڀياس مان خبر پوي ٿي ته بوئنگ ڪمپني، آمريڪا ۾ ڪارپوريٽ ويلفيئر مان فائدو وٺندڙ هڪ وڏي ڪمپني رهي آهي، جنھن ان سال 13 ارب ڊالر حاصل ڪيا. 2013 ۾ اسٽيٽ آف واشنگٽن، بوئنگ ڪمپنيءَ کي 8.7 ارب ڊالرن جي ٽئڪس ڇوٽ ڏني، جيڪا تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏي ڪارپوريٽ ٽئڪس جي ڇوٽ هئي پر ڪجهه سالن اندر ڪمپنيءَ 12000 کان وڌيڪ پنھنجن مزدورن کي ڪمپنيءَ مان ڪڍي ڇڏيو. ڊونالڊ ٽرمپ، پنھنجي صدارتي دور ۾ بوئنگ ڪمپني ۾ 31 سالن کان ڪم ڪندڙ پئٽرڪ شناهان کي نوازي ايڪٽنگ ڊفينس سيڪريٽري مقرر ڪيو. بوئنگ ڪمپني، صدر ٽرمپ جي احسان جي موٽ ۾ ٽرمپ جي اقوام متحده ۾ مقرر اڳوڻي سفير کي بورڊ ميمبر مقرر ڪيو. 2014 ۽ 2019 جي وچ ۾ بوئنگ ڪمپني ان ڪلاسيفيائيڊ فوجي ٺيڪن مان 104 ارب ڊالر ڪمايا.آمريڪا جي فوجي بچاءَ جي کاتي (Department of Defense) 1990 ۾ بوئنگ ڪمپني ۽ مِڪ ڊونيل ڊگلس وچ ۾ انضمام جي سھولتڪاري ڪئي، جنھن جي اڳوڻي CEO اسٽونسڦر، مٿان مئڪس 737 بوئنگ حادثن جو گهڻو الزام هو.

2020 ۾ ڪرونا وائرس جي عالمي وبا، هوائي سفر کي تمام گهڻو ڌڪ رسايو ۽ جھاز اڏڻ محدود ٿي ويا. بوئنگ کي به وڏو نقصان رسيو پر آمريڪي حڪومت، بوئنگ ڪمپنيءَ کي 58 ارب ڊالرن جو قرض ڏيڻ جي مشروط منظوري ڏني. بوئنگ جھڙين مھا ڪمپنين جي واڌ جنھن کي دنيا جي طاقتور ترين رياست سان گھرا ناتا هجن، اها ڳالهه مڃڻ کي ڏکيو ٿي بڻائي ته ”سرمائيداري نظام ۽ آزاد مارڪيٽ، هم معنيٰ آهن“. آمريڪا دنيا جي اڳواڻ سرمائيدار معيشت آهي پر، پوءِ به ان کي آزاد مارڪيٽ جو بھشت نه ٿو سڏي سگهجي.

آمريڪا جي وڏين ڪارپوريشنن کي هلائيندڙ عملدارن جي ذهنن مٿان مقابلي جا دٻاءَ تمام پري هوندا آهن؛ هنن کي پنھنجي ڪمپنيءَ جي شيئرن جون قيمتون وڌائڻ، سياستدانن سان لابنگ ڪرڻ ۽ ڪارپوريٽ اسڪينڊلن کي لڪائڻ وڌيڪ اهم هوندو آهي. سرمائيدار سماجن ۾ ڪيترائي وڏا ۽ اهم مارڪيٽ آزاد نه هوندا آهن، انھن تي چند مھا ڪارپوريشنن جو غلبو هوندو آهي، جن جا رياست سان انتھائي خودغرض لاڳاپا هوندا آهن. رياستون به مڪمل خودمختيار (Autonomous) هستيون نه هونديون آهن، جيڪي سماج جي چوٽيءَ تي ترنديون هجن ۽ مارڪيٽن ۾ مداخلت ڪنديون هجن. رياست جي طاقت جو عمل، ان جي ٻين اداڪارن جيئن ڪارپوريشنن ۽ مالياتي ادارن سان لاڳاپن مان تشڪيل ٿيندو آهي. طاقتور تجارتي ۽ مالياتي ادارا پنھنجن مفادن جو بچاءُ ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ رياست جي اندر عمل ڪندا آهن. پر اها ساڳي طاقت ٻئي هر ڪنھن ماڻهوءَ لاءِ موجود نه هوندي آهي. هي سرمائيداري نظام جو بگاڙ نه آهي، بلڪه هي ئي سرمائيداري نظام آهي.

وڏيون ڪارپوريشنون رياست مٿان ۽ ان جي اندر چڱو خاصو دٻاءُ وجهڻ جي قابل هونديون آهن، اهي رياست اندر ڪجهه پاليسيون، اختيار ڪرائڻ لاءِ لابنگ ڪري سگهنديون آهن، ڪن خاص سياسي پارٽين کي، اليڪشن ۾ من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ فنڊ ڏينديون آهن ۽ ويندي پنھنجن نجي قانونن ۽ ضابطن جي نظامن کي به پئدا ڪنديون آهن ۽ نافذ ڪنديون آهن.

2020 ۾ ڪرونا وبا جي ڦھلجڻ تي آمريڪي حڪومت پي چيڪ پروٽيڪشن پروگرام (Pay Check Protection Program PPP) شروع ڪيو جنھن جو مقصد آمريڪي سرمائيداري نظام کي ٽيڪ ڏيڻ هو. ان پروگرام تحت 800 ارب ڊالر سرڪاري پئسا، لکين ڌنڌن ۾ بطور قرض جي ورهايا ويا، جنھن مان 90 سيڪڙو بعد ۾ حڪومت طرفان معاف ڪيا ويا. انھن پئسن مان پورهيتن کي ورهايل هر 4 ڊالرن تي رڳو 1 ڊالر مليو، جڏهن ته باقي 3 ڊالر ڪمپنين جي مالڪن کي مليا. هي قرض، حقيقت ۾ ننڍن ڌنڌن لاءِ مختص ڪيل هو پر ڪيترن ئي وڏين ڪمپنين به ان مان فائدو ورتو. اوباما جي انسپيڪٽر جرنل، ٽائيم مخزن کي انٽرويو ڏيندي چيو، ”هي قرض جو پروگرام (PPP) وڏي ۾ وڏن ۽ وڌ ۾ وڌ ڄميل ڪمپنين ڏانھن جهڪندو…… ڇاڪاڻ ته اهو (ڪم) اهو آهي جيڪو هميشه ٿيندو رهيو آهي“.

لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو پبلڪ ڪمپنين جن اهو قرض حاصل ڪيو، اڃان تائين واپس نه ڪيو آهي. ڊيموڪريٽ سي لِي آف نيوادا جي مڙس، جيڪو ڪيسينوز جي هڪ زنجير هلائيندو آهي، به اهو قرض حاصل ڪيو. هائوس اسپيڪر نينسي پيلوسي جي مڙس، جنھن کي هڪ هوٽل ۾ حصيداري هئي، به اهو قرض ورتو. اهڙي طرح ڪيترن ئي ريپبليڪن ڪانگريس ميمبرن ان قرض مان فائدو ورتو، ويندي صدر ٽرمپ جي خاندان به ان مان فائدو ورتو. چندو ڏيندڙ سياسي ماڻهن، جن (PPP) مان قرض ورتو، آمريڪا جي 2020 جي صدارتي چونڊن لاءِ 5 ڪروڙ 20 لک ڊالرن جو فنڊ جمع ڪرايو. 113 ڪمپنين جن 30 ڪروڙ ڊالرن جو PPP قرض حاصل ڪيو، هر هڪ 25 هزار ڊالرن جو چندو ڏنو، جيڪو ٽوٽل هڪ ڪروڙ 20 لک ڊالر ٿيو. انھن ڪمپنين حڪومت کان قرض وٺڻ باوجود هزارين لکين پورهيتن کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيو. ساڳيو حال برطانيا ۾ ٿيو. برطانوي حڪومت بئنڪ آف انگلينڊ جي ڪووڊ ڪارپوريٽ فنانسنگ فيسلٽي (CCFF) معرفت وڏين ڪمپنين کي قرض ڏنا، جن مان 21 ڪمپنين، پنھنجن مالڪن/ حصيدارن (Share Holders) کي 11.5 ارب پائونڊ پئسا ڏنا، جڏهن ته 26 ڪمپنين جن اهي فنڊ ورتا، 43 هزار برطانوي پورهيتن کي نوڪرين مان ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي. باير (Bayer) ڪمپني پنھنجن مالڪن / حصيدارن کي 2.5 ارب پائونڊ ڏنا.  مارڪس سچ چيو آهي ته ”رياست، بورجوا (سرمائيدارن) جي معاملن جي انتظام ڪاري ڪرڻ جي هڪ ڪاميٽيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه هوندي آهي“.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.