نئين آمريڪي صدر ٽرمپ اڃا پنهنجي عهدي جو قسم ناهي کنيو اڳ ۾ ئي آمريڪا جي موجوده صدر جوبائيڊن ويندي ويندي پنهنجو ڪم ڏيکاري ويو يعني پاڪستان مٿان پابنديون مڙهي ڇڏيون آهن جنهن جو سبب بيلاسٽڪ ميزائيل جي تياري ڄاڻايو ويو آهي۔هونئن به پاڪستان مٿان هن قسم جون پابنديون ماضي ۾ به
لڳنديون رهيون آهن۔جڏهن به آمريڪا کي وجهه مليو آهي پاڪستان کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ پنهنجي خواهش جي تابع ڪرڻ لاءِ پابنديون مڙهي پاڪستان کي معاشي ۽ دفاعي طور ڪمزور ڪرڻ جي مذموم ڪوشش ڪئي آهي۔جڏهن پاڪستان ائٽمي ڌماڪو ڪيو هو يا ڀٽو دور حڪومت ۾ ائٽمي پلانٽ جو بنياد وڌو ويو هو تڏهن به پاڪستان مٿان هن قسم جون پابنديون مڙهيون ويون هيون۔آمريڪي سازش ئي جو ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي اقتدار کان الڳ ڪرايو ويو هو پر کيس ڦاهي تي لٽڪرائي پاڪستان کان هڪ مضبوط عوامي ليڊر کسيو ويو هو ۽ آمريڪا هر دور ۾ اها ڪوشش ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ اهي حڪمران هجن جيڪي سندس اطاعت ڪن ۽ سندس مفادات تحت ڪم ڪن.
جوبائڊن جي آمريڪي حڪومت پاڪستان مٿان بيلاسٽڪ ميزائيل جو بهانو بڻائي انوقت پابنديون مڙهيون آهن جڏهن پاڪستان اندروني مسئلن جو شڪار آهي سياسي محاذ آرائي عروج تي آهي ۽ معاشي بحران ۾ ڦاٿل آهي۔آمريڪي پابندين سان پاڪستان جون سموريون ڌريون هڪ پليٽ فارم تي آهن۔پي ٽي آء به پنهنجو سخت موقف اختيار ڪندي مڙهيل پابندين تي پنهنجي تشويش جو اظهار ڪيو آهي۔حڪومت به سخت موقف اختيار ڪيو آهي ۽ اهڙين پابندين کي هڪ طرفو معاشي وار قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ آمريڪي دٻاء قبول نه ڪندو نه وري ميزائيل پروگرام تان هٿ کڻندو ۽ پنهنجي دفاع کي مضبوط رکيو ايندو.
پاڪستان ۾ آمريڪي مداخلت ۽ انجي بليڪ ميلنگ پنهنجي جاءِ تي پر پاڪستان پنهنجي ڌٻڻ ۾ پاڻ ڦاٿو آهي جو ملڪ ۾ هڪ ته ڪمزور ۽ اقليتي حڪومت جو وجود آهي جنهن پنهنجي اندروني مسئلن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي ۽ مخالفن خلاف انتقامي ڪارواين کي پنهنجي وجود جو حصو بڻايو آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو پاڪستان پرڏيهي معاملن طرف ڪڏهن به ڌيان ناهي ڏنو ۽ انجون پرڏيهي پالسيون بري طرح ناڪام رهيون آهن.
پرڏيهي وزارت هڪ اهڙي شخص حوالي آهي جيڪو تڪراري بڻيل آهي ۽ انکي مٿان وري نائب وزيراعظم به بڻايو ويو جيڪو پرڏيهي وزارت کي پوري ريت سنڀالي ناهي سگهيو۔اهي به اطلاع آهن ته ن ليگ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزارت وارا عهدا ڪنهن ٻئي اهڙي شخص حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي۔ان شخص جو سرڪاري طور ته اڃا فيصلو يا اعلان ناهي ٿي سگهيو البته ڀلي ڀت اهي قياس آرائيون آهن ته اهي عهدا شايد فيصل واوڊا حوالي ڪيا وڃن جيڪو پ پ سان ۽ طاقت ورن جي انتهائي ويجهو آهي ن ليگ جون اتحادي پارٽيون به ان ڳالهه تي متفق آهي۔جيڪڏهن فيصل واوڊا اهي عهدا ماڻي ٿو ته کيس وزيراعظم وارا اختيار حاصل هوندا ۽ شهباز شريف ڊمي وزيراعظم بڻجي ويندو۔اهي به ڳالهيون گردش هيٺ آهن ته فيصل واوڊا جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ٿيڻ جي صورت ۾ شهباز شريف عهدو ڇڏي ڏيندو.
ن ليگ جا ڪجهه طاقتور اڳواڻ شهباز شريف کي مشورا ڏئي رهيا آهن ته ن ليگ پي ٽي آءِ سان سياسي ٺاهه ڪري انجو مينڊنٽ ان کي موٽائي ڏئي۔اهوئي سبب آهي جو قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق هن ڏس ۾ متحرڪ ٿي چڪو آهي جنهن ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي پر پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان حڪومت ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي آڏو ڪجهه مطالبا ڪري ڇڏيا آهن اهڙي طرح حڪومتي ڌر جا جج به عمران خان کي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح رليف ڏيڻ لاءِ راضي آهي پر ن ليگ چاهي ٿي ته پي ٽي آءِ اقتدار ۾ اچڻ جي صورت ۾ ن ليگ قيادت خلاف انتقامي ڪاروايون نه ڪندي ۽ ان کي محفوظ رستو ڏنو ويندو.
اهي به اطلاع آهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ قيادت وچ ۾ تازو ڪجهه رابطا ۽ ملاقاتون به ٿيون آهن، اهوئي سبب آهي جو پي ٽي آءِ قيادت ملڪ ۾ اعلانيل سول نافرماني واري تحريڪ به ڪجهه عرصي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جا دور شروع ٿين ٿا يا نه الڳ معاملو آهي پر هن وقت پاڪستان جي ناڪام ويندڙ پرڏيهي پاليسي ۽ آمريڪي پابندين جو پڙاڏو هلي رهيو آهي ته جو بائيڊن ويندي ويندي پابنديون ڪهڙي نيت سان مڙهي ويو آهي جڏهن پاڪستان هر ڏکئي وقت ۾ آمريڪا جي ڪم آيو آهي ۽ اتحادي رهيو آهي۔افغانستان جنگ سبب پاڪستان جا لکين ماڻهو ڪسجي ويا ۽ پنهنجا هوائي اڏا آمريڪا حوالي ڪيا.
بيلاسٽڪ ميزائيلن جي تياري ڪا هاڻ جي ناهي ان کي ته وڏو عرصو گذري چڪو آهي۔پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ به پري تائين مار ڪندڙ خطرناڪ ميزائل آهن جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪو قدم کنيو آهي ته ڪهڙو ڏوهه ڪيو اٿس جو پابنديون هنيون اٿس۔هي معاملو نئين آمريڪي حڪومت تي ڇڏي ڏئي ها پر هن جي تڪڙ جو فيصلو به ڪنهن سوچ ۽ فڪر کان گهٽ ناهي۔جيڪڏهن پي ٽي آء جي حڪومت اچي ٿي ته هونئن به اهي پابنديون ختم ٿي وينديون جو پي ٽي آء پهرين ڏينهن کان آمريڪا جي اهڙي فيصلي کي ننديو آهي ۽ اڳتي به زور ڀري فيصلو واپس ڪرائي ويندي۔جيڪڏهن پاڪستان جي حڪومت سنجيده هجي ها ۽ سندس پرڏيهي پاليسي مضبوط هجي ها پرڏيهي وزير مضبوط هجي ها ته شايد ئي اهڙي پابندي لڳي ها۔هاڻ ڀلي حڪومت هلي وڃي يا انجو پرڏيهي وزير ڪرسي تان لهي وڃي ڪجهه به نه ورندو۔هن ڏس ۾ پاڪستان جي سمورين سياسي ڌرين ۽ حڪومت کي ذاتي مفادن کان هٽي ڪري هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻو پوندو ۽ آئنده جو لائحه عمل جوڙڻو پوندو ته جيئن آمريڪا جي اجائي بليڪ ميلنگ کان بچي سگهجي.
جوبائڊن جي آمريڪي حڪومت پاڪستان مٿان بيلاسٽڪ ميزائيل جو بهانو بڻائي انوقت پابنديون مڙهيون آهن جڏهن پاڪستان اندروني مسئلن جو شڪار آهي سياسي محاذ آرائي عروج تي آهي ۽ معاشي بحران ۾ ڦاٿل آهي۔آمريڪي پابندين سان پاڪستان جون سموريون ڌريون هڪ پليٽ فارم تي آهن۔پي ٽي آء به پنهنجو سخت موقف اختيار ڪندي مڙهيل پابندين تي پنهنجي تشويش جو اظهار ڪيو آهي۔حڪومت به سخت موقف اختيار ڪيو آهي ۽ اهڙين پابندين کي هڪ طرفو معاشي وار قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ آمريڪي دٻاء قبول نه ڪندو نه وري ميزائيل پروگرام تان هٿ کڻندو ۽ پنهنجي دفاع کي مضبوط رکيو ايندو.