اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مدرسن واري بل تي ترميم قبول ناهي، هاڻ فيصلو ايوان بدران ميدان تي ٿيندو. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن ۾ حڪومت جي وڏي ناڪامي آهي. اسٽيبلشمينٽ 1947ع کان مدرسن خلاف ذهنيت جوڙي ڇڏي آهي. پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٻيهر گهرائڻ غير آئيني هوندو، مدرسا بل ۾ ڪا به ترميم قبول نه ڪندا، معاملو اڳتي وڌيو ته فيصلو ايوان نه پر ميدان ۾ ٿيندو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 26هين آئيني ترميم اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي. هن چيو ته 2004ع ۾ مدرسن جي حوالي سان سوال اٿاريا ويا، پهريون سوال اهو هو ته ديني مدرسن جو مالياتي نظام ڪهڙو آهي؟ ٻيو سوال اهو هو ته مدرسن جو تعليمي نظام ڇا آهي؟ ٽيون سوال اهو هو ته ديني مدرسن جو تنظيمي ڍانچو ڇا آهي؟ هن چيو ته انهن سوالن تي ڳالهين کانپوءِ جڏهن حڪومت مطمئن ٿي وئي ته ان وقت هڪ قانون سازي ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته ديني مدرسن ۾ ڪنهن به صورت ۾ فرقيواريت جي تعليم نه هجڻ جو خيال رکيو ويندو. هن چيو ته ايجنسين جا اهلڪار مدرسن ۾ وڃي استادن کي هراسان ڪندا هئا، ارڙهين ترميم بعد چيو ويو ته مدرسا صوبائي معاملو آهي. هن چيو ته صدر کي هڪ ڀيرو اعتراض ڪرڻ جو حق آهي ۽ نه ته پهرين منظوري کان پوءِ صدر ڪيترا ڏينهن ان تي دستخط ڪندو، قانون جي منظوري ۽ نوٽيفڪيشن اي اڳيون، هاڻي صدر کي اعتراض ڪرڻ جو اختيار ناهي، جيڪڏهن صدر 10 ڏينهن اندر دستخط نه ڪندو ته پوءِ قانون بڻجي ويندو، اها اسان جي قطعي راءِ آهي. ايوان کي خطاب ڪندي قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ چيو آهي ته صدر جي دستخط کانسواءِ ڪا به قانون سازي مڪمل ناهي ٿيندي.قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته مولانا فضل الرحمان سان منهنجو ۽ منهنجي قائد جو احترام جو رشتو آهي. هن چيو ته 26هين ترميم سان اهو بل ٻنهي ايوانن مان پاس ٿيو، صدر ان ايوان جو حصو آهي، صدر جي دستخط کانسواءِ ڪا به قانون سازي مڪمل ناهي ٿيندي.