ايس يو پي پاران ڪئنالن خلاف بک هڙتال جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي هڪ دفعو ٻيهر سنڌو درياهه مٿان ٺهندڙ نون ڪينال ۽ ڊيمن واري منوبي کي مڪمل طور تي رد ڪندي 20 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين سنڌ جي ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ 24، 24 ڪلاڪ بک هڙتال جو اعلان ڪندي واضح ڪيو آهي ته جيستائين سنڌو درياهه مٿان نون ڪينال ۽ ڊيمن ٺاهڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ويندو، جدوجهد جاري رکي ويندي. اهڙو اظهار ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس يو پي جي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو، اڳواڻن امير آزاد پنھور،  منور خاصخيلي، اصغر قريشي، ھنج راج، مختيار ميمڻ ۽ غفار چانڊيو ڪيو. پريس ڪانفرنس دوران پارٽي جي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو ڳالهائيندي چيو ته مستقبل ۾ پنجاب ۾ گريٽر ٿل ڪينال تي 19 لک ايڪڙ زمين، چولستان تي 61 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو، جڏهن ته پنجاب جي انهن ٻن ڪينالن تي مجموعي طور تي 80 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته  1999 کان 2023 تائين سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ رهي آهي جنهن سبب سنڌ جي ڪمانڊ ايريا مڪمل آباد نه ٿي سگهي آهي. هن چيو ته پنجاب جي ريگستان ۾ غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ چولستان ڪينال، ٿل ڪينال ۽ ڊيم ٺاهڻ جي رٿابندي جو مقصد سنڌونديءَ مان انڊس بيسن ايريگيشن سسٽم جو پاڻي زبردستي کسيو ويندو، جنهن سبب سنڌ جون زرخيز زمينون تباهه ۽ بنجر بڻجي وينديون، سنڌ جي زراعت تباهه ٿي ويندي، ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي نه پهچي سگهندو، پارٽي صدر سيد زين شاهه سمورين محب وطن پارٽين سان رابطا ڪري سنڌو درياهه بچايو تحريڪ کي منظم ڪيو، گذريل 4 مهينن کان اجلاس، ڪانفرنسون، سيمينار، پرامن مظاهرا ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته پيپلز پارٽي جا قومي اسيمبلي، صوبائي اسيمبلي، سينيٽ جا ميمبر ۽ وڏو وزير رڳو بيانن تائين محدود آهن، هن چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جي قومي مفادن کي وڪڻڻ جي سازش ڪري رهي آهي، جڏهن ته سنڌ جون سياسي، مذهبي ۽ قومپرست پارٽيون انهن منصوبن کي رد ڪري چڪيون آهن، ايس يو پي 20 ڊسمبر کان سنڌ جي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ 24، 24 ڪلاڪن جي بک هڙتال شروع ڪري رهي آهي، جيڪا 31 ڊسمبر تائين جاري رهندي. روشن ٻرڙو چيو ته بک هڙتال کان پوءِ پنجاب جا رستا به بند ڪري سگهون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.