حيدرآباد(رپورٽر) سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال ٺاهي سنڌ جي زمين بنجر ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جو اڄ سڄي سنڌ ۾ شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنل آهي. مختلف شهرن ۾ هڙتال کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ ايسٽي پي جي ڪارڪنن ريليون ڪڍي عوام, دڪاندارن ۽ واپارين کي ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي. ان سلسلي ۾ ڪالهه حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ عوام جي آگاهي لاءِ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سوين ڪارڪنن موٽرسائيلڪن تي سوار ٿي شهر ۾ پمفليٽ ورهائي ڪاروباري ماڻهن کي اڄ جي هڙتال بابت آگاهه ڪيو، ريلي جي اڳواڻي ايس ٽي پي ضلعي حيدرآباد جي صدر جان محمد جوڻيجو ڪري رهيو هو، جڏهن ته رياض لاکو، رستم لاشاري، عرفان بروهي ۽ لقمان ايري سميت ٻيا پڻ موجود هئا. ريلي ايس ٽي پي هائوس قاسم آباد کان نڪتي، جيڪا علي پئلس، مين قاسم آباد، ايگريڪلچر ڪمپليڪس، گدو چوڪ، آٽو ڀان روڊ، لطيف آباد نمبر ست، محمدي چوڪ، فتح چوڪ، حالي روڊ، پراڻي سبزي منڊي، نئين پل، حيدر چوڪ، گول بلڊنگ، جيل روڊ، هالا ناڪا کان ٿيندي اسريٰ اسپتال پهتي، جتي ڪارڪنن سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. هوڏانهن ٺٽي ۾ ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مان 6 نون ڪئنالن خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي ويندي، سنڌ جي سمورن شھرن جا ڪاروباري دڪاندار ريڙھين وارا پنهنجو ڪاروبار بند رکي سنڌو درياءُ تي ڌاڙي خلاف پنهنجو ردعمل ڏيندا، پريس ڪلب ٺٽي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته 6ڪئنالن جي پويان اھي قوتون آھن جيڪي مشرف ۽ ضياءِ سان گڏ ھئا. ملڪ ڀلي وڃي اونھي کاھي ۾ وڃي ڪري ھنن کي ڪميشن گھرجي، ڪميشن جي ڪري تڪراري منصوبا آندا پيا وڃن، سنڌ جي 6 ڪروڙ ماڻھن جي جياپي جو مسئلو آھي، پاڻي پيئڻ لاءِ ناھي ماڻھو پريشان آھن.