غريب ٽيڪس ڏين پيا، امير ڪو به ٽيڪس نه ٿا ڏين: ايف بي آر

لاهور(م ڊ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين راشد لنگريال چيو آهي ته غريب 18 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن ۽ امير ڪو به ٽيڪس نه ٿا ڏين. لاهور چيمبر آف ڪامرس جي تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين ايف بي آر چيو ته غريب 18 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن، امير ماڻهو ٽيڪس نه ٿا ڏين، ملڪ جا معاملا تڏهن ٺيڪ ٿيندا جڏهن هر ڪو ٽيڪس ڏيندو، سڀ هڪ ئي وقت ٽيڪس ڏيندا ايندي ته ٽيڪس جي شرح گهٽجي ويندي. چيئرمين راشد لنگريال وڌيڪ چيو ته هتي رڳو مان نه پر پوري ايف بي آر آئي آهي، ملڪ جا معاملا تڏهن ئي درست ٿيندا جڏهن اسان سڀ ٽيڪس ادا ڪنداسين، هڪ وقت ايندو جڏهن ٽيڪس جي شرح گهٽ ٿيندي.

چيئرمين ايف بي آر اهو به چيو ته ملڪ جا امير ماڻهو ٽيڪس نه ٿا ڏين، پاڪستان جي 40 لک گهرن ۾ ايئرڪنڊيشنر آهن، اهڙو نظام ٺاهي رهيا آهيون جنهن ذريعي سڀني کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.