ڪراچي (رپورٽر) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي ملڪ جي ترقي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويزن هو، منصوبا ڪاميابي سان پورا ٿيڻ پاڪستان جي ڪاميابي آهي، منصوبن ۾ تيزي اميد ڏيندڙ اڳڀرائي آهي. پ پ چيئرمين سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت وڏي وزير جي خاص مددگار قاسم نويد قمر بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ منصوبن تي بريفنگ ڏني. هن بريفنگ ۾ پ پ چيئرمين کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ساڍا 6 ارب رپين کان وڌيڪ جا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جا منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن جن ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ، ملا ڪٽيار پل، حيدرآباد، ميرپورخاص ڪيرج وي ۽ سنڌ نيشنل پاور ڪمپني شامل آهن. جرمني جا سيڙپڪار سنڌ ۾ زراعت ۽ پاڻي، اليڪٽرڪ گاڏين جي چارجنگ جي انفرا اسٽرڪچر تي به سيڙپڪاري چاهين ٿا. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، اسد ضامن ۽ ٻيا موجود هئا.