لينڊ پورٽ اٿارٽي بل ٻيٽن تي قبضي جو بل آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) لينڊ پورٽ اٿارٽي بل کي ارڙهين آئيني ترميم تي حملو قرار ڏيندي عوامي تحريڪ رد ڪري ڇڏيو. عوامي تحريڪ  جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري، ايڊووڪيٽ پرهه سومرو ۽ ايڊووڪيٽ خالد تنيو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته لينڊ پورٽ اٿارٽي بل سنڌ جي ٻيٽن ۽ سامونڊي پٽيءَ تي قبضي جو بل آهي. لينڊ پورٽ اٿارٽي کي سنڌ ۽ بلوچستان جا سامونڊي اثاثا وڪرو ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن. هي بل ٻيٽن تي قبضن واري آرڊيننس (پاڪستان آئسلينڊ ڊولپمينٽ آرڊيننس) جو تسلسل آهي. ٻئي پاسي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران اغوا وارداتن ۾ گهٽتائي اچڻ جي ڏنل بيان کي پيپلزپارٽي جي سنڌي عوام سان بيهودو مزاق قرار ڏيندي اڳواڻن چيو ته اغوا وارداتن ۾ گهٽتائي نه پر اضافو ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.