عمران سول نافرماني تحريڪ ملتوي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) عليما خان چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ ناڻي جي پهچ روڪڻ جو سڏ ڏيڻ جو  چيو آهي. عليما خان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت وڃڻ کانپوءِ لکين ماڻهو غربت جي ليڪي کان هيٺ هليا ويا آهن ۽ انهن جي ڏکيائين ۾ واڌ ٿي آهي، سمنڊ پار پاڪستاني خوشي سان تيار آهن ته اهي پنهنجو ناڻو ڏيهه نه موڪلين، توهان پنهنجا ڊالر ٻاهر کڻي وڃو ۽ غريب محنت مزدوري ڪري ڊالر پاڪستان ٿو موڪلي. هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني جا مطالبا تسليم نٿا ڪيا وڃن ته هو سمندر پار پاڪستانين کان ناڻو وطن نه موڪلڻ جي اپيل ڪندو، سمندر پار پاڪستانين جون ڪالز اچي رهيون آهن ته توهان ان جو اعلان ڇو نٿا ڪيو، اسان پنهنجو ناڻو روڪي ٿا ڇڏيون پر پارٽي جي ماڻهن پي ٽي آءِ باني کي چيو آهي ته ان سان ملڪ کي نقصان ٿيندو، تنهن ڪري توهان ٿورو انتظار ڪيو. سندس موجب پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته مان حڪومت سامهون پنهنجا مطالبا رکيا آهن، جيڪڏهن منهنجا مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته مان ناڻي جي پهچ روڪڻ جو سڏ ڏيندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.