عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪري ڦري ويو؟

اسلام آباد (فخر دراني)  سرڪاري ٽي وي تي صحافي محسن بيگ دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ڊيل جون ڳالهيون مڪمل ٿي چڪيون هيون، پر ڪجهه اهم سببن جي ڪري معاملو اڳتي نه وڌي سگهيو. بيگ موجب، رات جي وقت جيل کولرائي عمران خان سان بئريسٽر گوهر جي ملاقات ڪرائي وئي هئي. ان دوران طئي ٿيو ته عمران خان سياسي طور تي غيرفعال ٿي خيبرپختونخوا منتقل ٿي ويندو ۽ کيس سندس ڪيسن ۾ ضمانت ملي ويندي. محسن بيگ دعويٰ ڪري ٿو ته عمران خان کي هڪ وڊيو بيان جاري ڪرڻو هو، عمران خان پهريان ان ڳالهه تي راضي ٿي ويو، پر ٻئي ڏينهن پنهنجي موقف تان هٽي ويو، اهو چوندي ته اهڙو بيان جيڪڏهن سڀاڻي سامهون آندو ويو ته ڪارڪنن تي ناڪاري اثر ڇڏيندو.  ذريعن موجب، موجوده اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي قيادت عمران خان سان ڪنهن به ڊيل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڊيل لاءِ ضمانت ڏيڻ وارو به موجود ناهي، ڇاڪاڻ ته عمران خان تي سويلين ۽ فوجي قيادت ٻنهي جو اعتماد ختم ٿي چڪو آهي. ماضي ۾ جنرل باجوا سان عمران خان جي رويي کي به ان ردعمل جو بنيادي سبب قرار ڏنو پيو وڃي. ٻئي پاسي حڪومت به عمران خان سان ڳالهين کان پاسو ڪري رهي آهي. اهو سمجهيو پيو وڃي ته عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ فضول هوندو، ڇو ته ان سان سياسي ماحول تي ڪو به هاڪاري اثر نه پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.