لاهور(م ڊ) پنجاب اسيمبلي ۾ عوامي نمائندن جي پگهارن بابت ترميمي بل 2024ع جي منظوري کانپوءِ ايم پي اي جي پگهار 76 هزار مان وڌائي 4 لک رپيا ۽ صوبائي وزير جي پگهار 1 لک مان وڌائي 9 لک 60 هزار رپيا ڪئي وئي آهي. ميڊيا جي رپورٽ موجب پنجاب اسيمبلي جي هڪ ايم پي اي جي پگهار 50 هزار رپيا ڪئي وئي آهي ۔ ڊپٽي اسپيڪر جي پگهار 1 لک 20 هزار مان وڌائي 7 لک 75 هزار، پارلياماني سيڪريٽري جي پگھار 83 هزار مان وڌائي 4 لک 51 هزار رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته وڏي وزير جي صلاحڪار جي پگهار 1 لک 20 هزار مان وڌائي 7 لک 75 هزار رپيا ڪئي وئي آهي. 1,00,000 کان وڌائي 6,65,000 رپيا ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه وڏي وزير جي خاص مددگار جي پگھار هڪ لک کان وڌائي 6 لک 65 هزار رپيا ڪئي وئي آهي.