پريانڪا گانڌي فلسطيني بيگ کڻي پارليامينٽ پهتي

نئين دهلي(م ڊ) ڪانگريس جي ايم پي پريانڪا گانڌي واڊرا کي ڏٺو ويو ته سومر تي پارليامينٽ ۾ فلسطين جو نالو کڻندڙ هڪ ٿيلهو  کڻي آئي، جنهن تي حڪمران پارٽي بي جي پي ناراض ٿي وئي. ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري پريانڪا گانڌي غزه ۾ اسرائيل جي ڪاررواين خلاف کليل نموني ڳالهائي رهي آهي ۽ فلسطيني عوام جي حمايت جو اظهار ڪري رهي آهي. نئين دهلي ۾ فلسطيني سفارتخاني جي چارج ڊي افيئرس عابد الرزاغ ابو جزر، پريانڪا گانڌي واڊرا سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ڪيرالا جي وائيانڊ سيٽ تان اليڪشن کٽڻ تي مبارڪباد ڏني. بي جي پي اڳواڻ سمبت پاترا پريانڪا گانڌي جي وائرل ٿيل تصوير تي تنقيد ڪندي چيو ته گانڌي خاندان هميشه ٻين کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جيتوڻيڪ ان جو مطلب ملڪ جي مفادن جي خلاف هجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.