16 ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينھن ھو:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اي پي ايس سانحي جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آھي ته 16  ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينھن ھو، جنھن کي ڪڏھن به وساري نٿو سگھجي، 16 ڊسمبر 2014  اسان جي دلين تي ناقابل تصور ڏک جي ڏينھن طور واضح آھي. اي پي ايس سانحي جي ڏھين ورسي جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ هن  چيو ته اي پي ايس سانحي جي متاثر والدين، استادن ۽ شاگردن جي ھمت اسان کي ظلم خلاف لڙائي ۾ حوصلو ڏئي ٿي. ھن چيو ته دھشتگردي ۽ انتھا پسندي جي خاتمي لاءِ قوم طور اسان جا عزم مضبوط آھن، قربانين، سڌارن ۽ نيشنل ايڪشن پلان جھڙن قدمن سان اسان دھشتگردي خلاف منظم اڳڀرائي ڪئي. هن  چيو ته اسان کي پنھنجن ٻارن ۽ ايندڙ نسلن جي پرامن ۽ محفوظ مستقبل جي لاءِ اڻ ٿڪ محنت جاري رکڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.