عدالتي سڌارن لاءِ عوام کان تجويزون طلب، آن لائن فارم جاري

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي ۽ شفافيت جي حوالي سان عدالتي سڌارن لاءِ ماڻهن کان تجويزون طلب ڪندي هڪ آن لائن فيڊ بيڪ فارم جاري ڪري ڇڏيو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي سڌارن بابت اهم اجلاس دوران چيف جسٽس عدالتي سڌارن جي سمورن شعبن ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته سڌارا عدالتي نظام ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ آهن، جيڪي ماتحت عدالتن تائين لاڳو ڪيا ويندا، چيف جسٽس عدالتي سڌارن ۾ ججن، وڪيلن ۽ عوام جي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.