رڳو موهن جي دڙي جا وارث سڏائڻ ڪافي ناهي: امر جليل

ڪراچي(رپورٽر) سنڌي، اردو ٻوليءَ جي ناليواري ليکڪ ، اديب  ۽ ڪالم نگار امر جليل چيو آھي ته ملڪ جي هڪ فاسٽ بالر کي جيل ۾ وڌو ويو آھي پر اھو فاسٽ بالر ئي رھندو، مون کي بي شڪ ڪير ھندو سمجھي،عيسائي سمجھي يا مشرڪ سمجھي مون تي ان جو ڪو فرق نه پوندو ،مان جوئي آهيان سوئي آهيان، ھن اها ڳالهه ڪالهه  ستين سنڌ ادبي ميلي ۾ زوم تي ڳالهائيندي ڪئي،امر جليل جو تخليقي سفر جي موضوع تي مھتاب اڪبر راشديءَ سيشن جي ميزباني ڪئي. امر جليل چيو ته ڪجھ واقعا ڪجھ حادثا ماڻھوءَ کي تبديل ڪري ڇڏيندا آھن. 1947 ۾ رتن تلاء صدر ۾ جڏھن منھنجي اسڪول کي ساڙيو ويو ته ان واقعي مون  کي لکڻ تي مجبور ڪيو مون سوچيو اسڪول ته ھندو يا مسلمان نه ٿيندو آھي ان کي ڇو ساڙيو ويو. امر جليل چيو ته ھڪ پروگرام ڪرڻ ٿو چاھيان جنھن جو موضوع ئي اھو ھجي ته  ھي منھنجي سنڌ ته ناھي. مان سمجھان ٿو ته اسان رڳو ان ۾ خوش ھجون ته اسان موھن جي دڙي جا وارث آھيون اھو ڪافي ناھي ،اسان مان ڪير آھي جيڪو چئي سگھي ته منھنجا ابا ڏاڏا موھن جي دڙي ۾ ھئا. ھن چيو ته منھنجي طبيعت ٺيڪ ناھي ويل چيئر تي اچڻ مناسب نه ٿو سمجھان. امر جليل سيشن دوران مختلف سوالن جا جواب ڏنا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.