ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) ڪراچي ۾ ستون سنڌ لٽريچر فيسٽيول ڪالهه لياقت لائبريري ۾ شروع ٿي ويو آهي، تعليم واري وزير سردار شاھ فيسٽيول جو افتتاح ڪيو، تقريب ۾ حميد ھارون، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو شرڪت ڪئي، ايس ايل ايف جي آرگنائيزرز نصير گوپانگ زوھيب ڪاڪا مھمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو، تقريب کي خطاب ڪندي سردار شاهه چيو آھي ته ارسا ۾ سنڌ سان زيادتيون ٿيڻ ڪا نئين ڳالهھ ناھي، سنڌ پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏيئي رھيو آھي، ارسا معاهدي ۾ رڳو سطح تي موجود پاڻي جو معاملو طئي ڪيو ويو، هاڻ وقت اچي ويو آهي جو اسين زمين جي اندر موجود پاڻي جو به حساب وٺون، جيئن زمين اندر ٻيا وسيلا پورو ملڪ گڏجي استعمال ڪندو آھي، ارسا معاهدي ۾ زمين جي هيٺان موجود پاڻي جي استعمال کي به شامل ڪيو وڃي، ڇو ته وفاق طرفان ماضي جي غلط فيصلن جي ڪري سنڌ جي زمين اندر موجود پاڻي استعمال جي لائق نه رهيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته وفاق ملڪ ۾ موجود استعمال لائق هر قسم جي آبي ذخيرن کي انصاف سان ورهائي. صوبائي وزير سيد سردار شاه چيو ته پاڻي جا ماهر اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪا آهن ته هر سال 10 لک ڪيوسڪ پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏڻ لازمي آهي، جيڪڏهن لاپرواهي ٿي ته بدين، ٺٽو، ۽ سجاول سامونڊي پاڻي هيٺ اچي ويندا ۽ سن 2060 تائين ڪراچي به سمنڊ جي اثر هيٺ اچي ويندو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي هڪ ڪروڙ 20 لک ايڪڙ زمين پوک لائق آهي، پر اونهاري جي مند ۾ رڳو 45 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي، جيڪڏهن وڌيڪ ڪئنال ٺهيا ته گڊو کان هيٺ پاڻي نه پهچي سگهندو، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ديواني جا خواب ڏيکاريا پيا وڃن، پر سنڌ ڪينالن واري منصوبي کي ڪڏھن قبول ڪيو آھي ۽ نه ئي ڪندي، ھن وڌيڪ چيو ته ادبي سرگرميون رواداري ۽ سهپ کي هٿي ڏين ٿيون، سنڌ ۾ انتهاپسندي کي روڪڻ ثقافتي تحرڪ جي ڪري ممڪن ٿيو آهي ۽ هي فيسٽيول انهي تحرڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪندو، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو سنڌ لٽريچر فيسٽيول کي خطاب ڪندي چيو ته وفاق سنڌو درياھ کي قيد ڪري رھيو آھي. وفاق ٻڌائي ته توھان کي ڪئنال کپن يا پاڪستان کپي، سنڌو درياھ تي نوان ڪينال ٺاهڻ جي منصوبي کي رد ڪريون ٿا، سنڌ جي پاڻي، زمين ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نه ڪندا سين، هن چيو ته سنڌو درياھ سنڌ جي دل آھي. شھباز شريف ۽ آصف زرداري سنڌ جي دل ڪڍي رھيا آھن، دل کانسواءِ سنڌ بنجر ٿي ويندي ۽ 7ڪروڙ سنڌي آھستي آھستي اڃ ۽ بک ۾ مري ويندا، گرين پاڪستان سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو انسان دشمن منصوبو جوڙيو ويو آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. نوڪريون ۽ ڊگريون وڪرو ڪيون پيون وڃن، پورھيتن جا ٻار اعليٰ تعليم ۽ نوڪرين کان محروم آھن، ڪوئلو ڪڍڻ وقت چيو ويو ته ٿر جي تقدير بدلجي ويندي ٿر خوشحال ٿي ويندو پر ھاڻ ٿر جي بجلي مان پنجاب ۾ 200 يونٽ فري ڏني وڃي ٿي پر ٿرپارڪر جا ھزارين ڳوٺ بجلي سميت بنيادي سھولتن کان محروم آھن، ڪوھستان، ڪراچي، ساحلي پٽي سميت وڏن شھرن جون زمينون وزيرن ۽ لينڊ مافيا جي قبضي ۾ آھن، هن چيو ته وفاق سنڌ سان بجلي، گئس، ٽيڪس ۽ پاڻي جي حوالي سان زيادتيون بند ڪري، وفاقي کاتن ۾ سنڌ جي ملازمن سان تعصب وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته پاڪستان کي هڪ نئين معاشي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آهي. مسئلن جو حل عدالتي ٽڪراءُ نه پر هڪ منصفانه، شفاف ۽ جمهوري وفاق آهي. ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي احسان لغاري چيو آھي سنڌ جو پاڻي چوري ٿي رهيو آهي، سنڌو درياھ تي ڇھه ڪينال ٺاھيا پيا وڃن پر سنڌو درياھ ۾ واڌو پاڻي ڪونھي، هتي اها ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته ٻوڏ دوران ڪئنالن کي پاڻي ملندو جيڪو غلط منطق آھي، ھن چيو ته بلوچستان کي سندس حصي جو پاڻي ملڻ گھرجي ،سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ھجڻ ڪري بلوچستان جو ميمبر ھاڻي اسان جو ساٿ ڏئي ٿو پر خيبر پختون خواھه ۾ پيپلز پارٽي کي پي ٽي آئي جي حڪومت سان ڳالھائڻو پوندو. ليکڪ ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻ نصير ميمڻ چيو ته چولستان ڪينال ديواني جو خواب آھي اسان جي ڳڻتي صرف چولستان ڪينال يا چار ھزار ڪيوسڪ پاڻي ناھي پر گريٽر چولستان ۽ گريٽر ٿل ڪئنال تي ٽي نوان ڊيم ۽ نوان ڪينال ٺھندا جنھن جو سٺ لک ايڪڙ زمين ڪمانڊ آھي، گريٽر چولستان ۽ گريٽر ٿل ڪئنال کي ملائي 80 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي. ھن اسڪيم کي انگريزن رد ڪيو ھئو ھڪ صدي اڳ به ڪوڙا انگ اکر ڏنا ويا ھئا ھاڻي به ڪوڙا انگ اکر ڏنا پيا وڃن. ھن چيو ته گھٽ ۾ گھٽ 35 ملين ايڪڙ فوٽ جي کوٽ آھي، موسمياتي تبديلين سبب سنڌ ۾ ڏڪار جو خدشو آھي سسٽم ۾ پاڻي ڪونھي سنڌ سان وڏو فراڊ ٿي رھيو آھي.