اسلام آباد(سليم صافي) اي اين پي جي سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ۾ دهشتگردن کي کليل ڇوٽ مليل آهي،اهو سلسلو جاري رهيو ته صوبو وفاق کان ڌار ٿي سگهي ٿو، فوج چاهي ته 10 ڏينهن ۾ اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته جنرل فيض سروس دوران جيڪو ڪجهه ڪيو ان تي پڇاڻو ناهي ٿيو،ان ڪيس ۾ گهڻي اميد ناهي،ملڪ ۾ جمهوريت ناهي، پورو نظام سليڪٽ ڪيو ويو آهي،اپوزيشن اڳواڻ ڪمپرومائزڊ آهي، پوري سياست ڪمپرومائزڊ آهي، ان طرح جي جمهوريت ۾ مارشل لا جي ضرورت ناهي پوندي، مون کي هائبرڊ نظام خلاف ڳالهائڻو هو، ان ڪري سينيٽر ٿيس، دفاعي ادارن جو ڪم رڳو ملڪ جي دفاع تائين رهڻ گهرجي،هن وقت سياستدان آئين ۽ قانون فوج جي مرضي سان آڻي رهيا آهن،اصل سياستدانن کي ته توهان تباهه ڪري ڇڏيو آهي،جي ايم سيد،ڏکڻ پنجاب جي خاندانن ڪٿي آهن جن آزادي تحريڪ ۾ حصو ورتو هو،هن چيو ته ڇا رياست ايتري ڪمزور آهي ته ان کان مراد سعيد نٿو پڪڙجي،24 نومبر تي علي امين ۽ پنڪي پيرني سيف هائوس ڪيئن پهتا؟ هن چيو ته حڪومت فضل الرحمان سان دوکو ڪيو،زرداري کي سسٽم استعمال ڪري مولانا سان جٺ ڪرائي وئي،انهن تي اعتبار ڪير ڪندو؟انهن ۾ ۽ عمران خان ۾ فرق ناهي رهيو،