ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ رابطن جي بحالي واري عمل کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته جمهوريت ۾ سياسي ڊائلاگ ئي ملڪ جي سڀني مسئلن جو حل آهي. انتقام ۽ انتشار جي سياست ملڪ کي وڏو نقصان پهچايو آهي، هاڻي حڪومت جي وزيرن مشيرن کي به سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ٻرندي تي تيل ھارڻ جو ڪم نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن بل جي منظوري ۾ دير واري حربن سان حڪومتي بدنيتي پڌري پٽ آهي.