حيدرآباد/ لاهور (پ ر) ماحولياتي انصاف ۽ ڪاربان کان پاڪ دنيا جي عنوان تحت ليبر ايڊيوڪيشن فائونڊيشن طرفان لاهور ۾ قومي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪائنات ڏاهري ۽ ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪرن ٻپڙ شرڪت ڪئي، ڪانفرنس خطاب ڪندي ڪائنات ڏاهري چيو ته سنڌ جي اندر زبردستي 6 ڪينال کوٽڻ جي فيصلي کي سنڌ جو عوام موت جو پروانو سمجهي ٿو. سنڌ اندر تمام گهڻي بي چيني ۽ ڪاوڙ آهي. سنڌياڻي تحريڪ فيصلو ڪيو آهي ته 6 ڪينالن جوفيصلو واپس وٺڻ تائين سنڌياڻي تحريڪ پرامن جدوجھد جاري رکندي،هن چيو ته هندستان کي وفاق ٽي درياھ وڪڻي سنڌ جي ڊيلٽا کي تباھ ڪيو آهي. هيستائين 35 لک ايڪڙ زمين سمنڊ کائي چڪو آهي. پاڻي جو سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ڪرڻ سان هر سال پاڪستان جي سرحد گهٽ ٿي رهي آهي. 6 ڪينال جو منصوبو سنڌ جي عوام کي ڀت سان لڳائڻ جي برابر آهي. هنن چيو ته سنڌو درياءَ جو پاڻي روڪي ماحولياتي تباهي آندي وئي آهي، ڊيلٽا کي پاڻي نه ملڻ سبب تمر جا ٻيلا تباهه ٿي ويا آهن.