ڏوڪري ۾ سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم پاران مشعل بردار ريلي

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري ۾ سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم جي ڪارڪنن مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، سنڌو درياءَ مٿان غيرقانوني ڇھ ڪئنال اڏڻ خلاف ڏوڪري ۾ جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي،  امتياز کوهارو، مقصود، حريف پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علي پارڪ کان پريس ڪلب تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه سنڌي قوم جو جياپو آهي سنڌو درياءَ مٿان ڇھ ڪئنال اڏڻ سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين کي بنجر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته جي ايم سيد ۽ بشير خان قريشي سنڌي قوم کي سڃاڻپ ڏني ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هنن چيو ته سنڌي قوم کي سنڌو درياءَ تي ڪو به ڪئنال منظور ناهي، سنڌ دشمن عناصرن مسلسل سازشون ڪري رهيا آهن سنڌي قوم هيمشہ سنڌ دشمن سازشن کي ناڪام بڻايو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير سنڌو تي ڪئنال ٺاهڻ بند ڪيا وڃن ٻئي صورت سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.