لاهور (م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته چين جو دورو ڪامياب رهيو آهي دوري دوران گهڻو ڪجهه ڄاڻڻ، سمجهڻ جو موقعو مليو آهي، صوبي جي عوام انهي دوري جي ثمرن مان فائدو کڻندو.مريم نواز پنهنجي 8 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گوانگ زو پهتي جتي هن وائس گورنر زينگ گوزي سان ملاقات ڪئي. انهي موقعي تي وڏي وزير جي اعزز ۾ خصوصي اسٽيٽ ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو. جڏهن ته چين دوري دوران مريم نواز گوانگ زو ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي . جنهن ۾ چيني ڪمپنين لاءِ پنجاب ۾ ون ونڊو آپريشن سهولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.