ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ يونيورسٽي روڊ تي 84 انچ قطر جي واٽر سپلاءِ لائين ٻيهر ٽٽي وئي. ڪراچي يونيورسٽي ويجهو بي آر ٽي ريڊ لائين جي تعميراتي ڪم دوران پاڻي جي لائين ڦاٽڻ سبب شهر کي 70 سيڪڙو پاڻي فراهمي معطل ٿي وئي.واٽر بورڊ جي ترجمان موجب ٽٽل پائيپ لائين سبب شهر ۾ روزانو 250 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ آهي.بي آر ٽي جي تعميراتي ڪم سبب 15 ڏينهن ۾ ٽيون ڀيرو لائن ٽٽي آهي. ٻئي طرف واٽر ڪارپوريشن ٽرانز ڪراچي جي سي اي او کي خط لکي 3 ڪروڙ 50 لک رپيا معاوضي جو مطالبو ڪيو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته بي آر ٽي جي تعميراتي ٽيم ڪم دوران احتياطي اپاءَ ورتا، پائيپ لائين کي نقصان ٿيڻ سبب پاڻي جي کوٽ سبب سموري شهر ۾ ڏکيائون آهن. واٽر ڪارپوريشن جو چوڻ هو ته رپورٽ ۾ ٺيڪيدارن جي لاپرواهي ۽ عدم تعاون کي حادثي جو وڏو سبب قرار ڏنو ويو، واٽر لائن جي مرمت ۽ سپلائي بحال ڪرڻ تي ساڍا ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا.