ڪنڌڪوٽ (ممتاز سنڌي+ عرفان علي کوسو) ڪنڌڪوٽ جي رهواسي سميت ٻن ڄڻن کي ڏوهارين اغوا ڪري ورتو. ڪنڌڪوٽ واسي مرتضيٰ کوسو شڪارپور لاءِ نڪتو ته رستي مان کيس اغوا ڪيو ويو جنهن جي تصديق ڏوهارين پاران وارثن کان 50 لک ڀنگ طلب ڪرڻ ذريعي ٿي. مغوي جي وارث مير کوسي موجب ڌاڙيلن ڀنگ طلب ڪيو آهي، پوليس تحرڪ وٺي ۽ نوجوان کي آزاد ڪرائي. ذريعن موجب مرتضيٰ کوسي سان گڏ بدر گهڃو پڻ اغوا ڪيو ويو آهي، ٻنهي کي غوثپور ۾ هوٽل تان اغوا ڪيو ويو. ٻئي پاسي پوليس واقعي کان بي خبري ظاهر ڪئي آهي جڏهن ته امن امان جي خراب صورتحال سبب شهرين ۾ ڳڻتي ڇانيل آهي.