ڪنڌڪوٽ ڀرسان هٿياربندن پورهيت قتل ڪري ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سبزي منڊي ڀرسان انڊس ھاءِ وي تي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري رڪشا ريڙھو ھلائيندڙ پورهيت عبدالغفار  بنگوار کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.اهڙي واقعي جو اطلاع پوليس کي ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پورهيت نوجوان جو لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو ، اسپتال مان نوجوان جي پوسٽ مارٽم بعد ڊاڪٽرن لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو،  لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.اطلاعن موجب مقتول نوجوان کي مهمداڻي-بنگوار ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان قتل ڪيو ويو آهي.آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي قاتل گرفتار ٿي سگهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.