اسلام آباد (فخر دراني) فيض حميد ۽ عمران خان وچ ۾ رابطن کانپوءِ، بشريٰ بي بي سان به فيض حميد جا رابطا ثابت ٿيا جڏهن ته ٽرائل جي صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي وئي آهي. ذريعن موجب، فيض حميد خلاف چارج شيٽ ٿي چڪي آهي، پر عمران خان سان گڏ ٽرائل ڪرڻ جا امڪان گهٽ ڏٺا پيا وڃن. فيض حميد جو ملٽري ٽرائل يا ڪورٽ مارشل ڌار معاملو آهي، جڏهن ته عمران خان اڳوڻو وزيراعظم هجڻ ۽ عوامي مقبوليت سبب ملٽري ٽرائل جو امڪان سياسي ۽ عالمي سطح تي وڌيڪ سوال پيدا ڪري سگهي ٿو. ان سان اهو تاثر پيدا ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان هڪ مڪمل سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻجي چڪو آهي، جنهن سان فوج تي عالمي دٻاءُ وڌي سگهي ٿو. اڃا تائين ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت ان تي ڪو به حتمي فيصلو نه ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته معاملي تي ففٽي ففٽي چانسز آهن، ۽ مقامي ۽ عالمي سطح تي ان جو رد عمل ڪهڙو ٿيندو، اهو طئي ڪرڻ ڏکيو آهي. 85 ماڻهن جا ٽرائل ٿي چڪا آهن، پر انهن ۾ ڪا به اهم قيادت شامل نه آهي. سياستدان پڻ خدشا ظاهر ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن اڄ عمران خان پڪڙ ۾ آهي ته مستقبل ۾ اهي به ان عمل جو شڪار ٿي سگهن ٿا. ملٽري ٽرائل جي شروعات جو سياسي رد عمل به شديد ٿي سگهي ٿو، جيڪو صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بڻائي سگهي ٿو.