لاهور (امداد سومرو) عمران خان ٻين جي خلاف جنھن سوشل ميڊيا جو سھارو ورتو سو ھاڻي ان جي گھر اندر لڙائي ڪرائي رھيوآھي ۽ ان جھيڙي ۾ ان جون ڀينرون ھڪ پاسي تھ ٻئي پاسي بشريٰ بي بي آھي.عمران جي ڀيڻ روبينھ بشريٰ بي بي مٿان الزام لڳايو ھيو تھ اھا ڪرپشن ڪندي رھي آھي جواب ۾ بشريٰ بي بي طرفان مشعال يوسفزئي بيان ڏيندي رھي ھاڻي ان ويڙھ ۾ عليمھ خان بھ شامل ٿي وئي آھي. ھڪ پاسي حسان نيازي عمران جو جانشين ٿيڻ جي چڪر ۾ ھيو تھ ٻئي پاسي عليمھ خان بھ سياسي ميدان ۾ پاڻ کي اڳتي آڻي رھي ھئي عليمھ کي عمران خان بھ ڪيترائي ڀيرا روڪيو ٽوڪيو تھ سياست سان تنھنجو تعلق ناھي پر جيئن ئي ھو جيل ۾ ويو تھ عليمھ خان ايڪٽو ٿي وئي، ڪجھ ڏينھن اڳ ڳائڻي سلمان احمد بشريٰ بي بي کي آءِ ايس آءِ ايجنٽ سڏيو تھ وري فيصل واوڊا بھ ساڳيون ڳالھيون ڪندي چيو تھ عمران کي خطرو ئي بشريٰ بي بي مان آھي. روبينھ خان ٽوئٽ ڪندي چيو تھ بشريٰ پھرين ڏينھن کان سياست ۾ مداخلت ڪري رھي آھي ۽ جيڪي حرڪتون ھن پنجاب ۾ بزدار گورنمڻٽ دوران ڪيون سي آزادي بعد ڪي پي ۾ ڪري رھي آهي. ٻئي پاسي مشعال جواب ڏيندي چيو آھي تھ عليمھ قابل احترام پر ان کي بھ خبر آھي تھ سچ ڇا آھي.توھان جي تڪليف حق بجانب پر خان صاحب جي واضح پيغام بعد توھان کي سمجهھ ۾ نھ پيو اچي تھ ڪھڙو بيانيو وڪرو ڪيون