مدرسن جي فارمولي جي اسٽيبلشمينٽ ضامن، فضل الرحمان کي اثر رسوخ وڃائجڻ جو ڊپ

اسلام آباد (جاويد چوڌري) مدرسن جي رجسٽريشن ۽ انهن جي انتظامي معاملن تي مولانا فضل الرحمان ۽ حڪومت وچ ۾ بحث جاري آهي. مولانا فضل الرحمان جي خيال ۾ مدرسا هڪ اهم سياسي طاقت آهن، جنهن سان هو حڪومت تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، پر نئين فارمولي تحت سندس اثر گهٽجڻ جو خدشو آهي. مولانا فضل الرحمان وٽ 24 کان 25 هزار مدرسا آهن ۽ ٻئي پاسي 18 هزار کان ڪجهه وڌيڪ مدرسا آهن. وفاق المدارس ۾ 1300 سيٽون آهن. مولانا فضل الرحمان سمجهي ٿو ته مدرسا هڪ وڏي طاقت آهي جنهن ذريعي هو سياسي طور حڪومت سان گهڻو ڪري سگهي ٿو. ان ڪري هن ڪو اهڙو فارمولو ٺاهيو جنهن سان 900 کان 950 ووٽ سندس حمايت ۾ اچي ويا. ان کانپوءِ فيٽف پاڪستان کي گري لسٽ ۾ وجهي ڇڏيو. ان جو سبب دهشتگردن جي مالي سهائتا هو، پاڪستان تي اعتراض هو ته ٻاهران فنانسنگ ٿئي ٿي ۽ ان ۾ مدرسن جو وڏو ڪردار آهي. فيٽف جو مطالبو هو ته اوهان مدرسن جي رجسٽريشن ۽ انهن جا بينڪ اڪائونٽ نه کوليندا ۽ ٻاهران ايندڙ شاگردن جي ڊيٽا گڏ نه ڪئي ويندي تيستائين پاڪستان تي پابنديون رهنديون. ان وقت جنرل باجوا جو دورو هو ۽ ان حوالي سان سرگرم ٿيو. جي ايڇ ڪيو ۾ عالمن ۽ ماهرن سان گڏ فيٽف جي شرطن تي ويچاريو ويو، عالمن سان اڍائي سالن تائين بحث جاري رهيو. عالمن جي خدشن کانپوءِ جنرل باجوا رڳو مطالبا رکيا ته اوهان جهادي اسلام کي ان مان ڪڍو يا ان کي گهٽايو ۽ ٻيو اهو ته ڪوبه مدرسو ٻئي فرقي جي ماڻهن کي ڪافر قرار نه ڏئي ۽ اهو نصاب ۾ به نه هجڻ گهرجي. ان تي سڀني اتفاق ڪري ورتو. ان کانپوءِ اهو به طئي ٿيو ته مدرسن نه رڳو ديني تعليم پر دنياوي تعليم به ڏني ويندي جيئن مدرسن مان پڙهندڙ شاگرد اڳتي هلي فوج سميت نجي شعبي ۾ به ملازمت ڪري سگهن. 2018 ۽ 2019 دوران عمران خان جي حڪومت ۾ تعليم واري وزير شفقت محمود کين خاطري ڪرائي ته اسان ڪتاب، استاد ۽ فنڊنگ ڏينداسين. ان تي به سڀني اتفاق ڪيو. سڀني عالمن سان 2019 ۾ معاهدو ٿيو جن ۾ حنيف جالندري، مفتي منيب، تقي عثماني، شيعا اڳواڻن سميت 70 صلاحڪار شامل هئا. عالمن مطالبو ڪيو ته معاهدي جي ضمانت فوج ڏئي ۽ پوءِ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ان معاهدي جو اعلان ڪيو. معاهدي ۾ فيصلو ٿيو ته سڀ مدرسا تعليم واري وزارت جي ماتحت هوندا، تعليم واري وزارت هفتي ۾ رجسٽريشن ڪندي. ان دوران 4500 مولانا فضل الرحمان جا مدرسا به ان ۾ شامل ٿي ويا. مولانا فضل الرحمان ان وقت به ان ڳالهه کي نه مڃيو هو ڇو ته نئين فارمولي تحت سندس اثر رسوخ گهٽجي رهيو هو ۽ معاملا سندس هٿن مان نڪري ويا هئا. مولانا فضل الرحمان فوج، سياستدانن ۽ عالمن کي معاهدو روڪڻ لاءِ چوندو رهيو. 26هين ترميم وقت مولانا فضل الرحمان ساڳئي موقف تي بيهي رهيو ته منهنجو مطالبو مڃو. مولانا فضل الرحمان چيو ته مدرسن کي صنعت ۽ واپار واري وزارت جي ماتحت ڪرايو وڃي ۽ اهڙو بل ٺاهيو ويو. جڏهن بل صدر آصف علي زرداري ڏانهن ويو ته 1800 کان مٿي مدرسن وارن به شڪايت ڪئي ته اوهان ته ضمانت ڏني هئي ته حڪومت جو ان ۾ ڪو عمل دخل نه هوندو پر هاڻي معاملو خراب ٿي رهيو آهي. ان تي کين محسوس ٿيو ته اها ڳالهه ٺيڪ آهي ان سان فساد پکڙبو. ان کانپوءِ آصف علي زرداري صحيحن کان انڪار ڪري ڇڏيو. مولانا فضل الرحمان ان تي وري اعتراض ڪيو ۽ چوي ٿو ته اسان ائين ڪرائي رهنداسين ڇو ته اسان سان واعدو ڪيل آهي. ياد رهي ته تعليم واري وزارت ننڍي وزارت آهي جڏهن ته صنعت واري وزارت وڏي آهي جنهن جو دائرو سڄي ملڪ تائين آهي رڳو چين جي معاملن ۾ به بلين ڊالرز جو واپار ٿئي ٿو ۽ ان وزارت ۾ وڏو پيسو  ۽ فائدا آهن. مولانا فضل الرحمان جي فارمولي تحت سوسائٽي ايڪٽ آهي جيڪو پاس ٿيڻو آهي ۽ ان تحت جيڪو درخواست ڏيندو ان جو ڊگهو مرحلو آهي جنهن سال لڳي ويندا ۽ پوءِ 10 هزار درخواستون اچي ويون ۽ جيڪي مدرسا رجسٽر نه ٿيا ته اهي ماڻهو وري مولانا وٽ ايندا ته اوهان ڪجهه ڪريو، اهڙي ريت هو حڪومت سان ڳالهائيندو ۽ مدرسن ۽ حڪومت ٻنهي تي سندس ٿورا ٿيندا ۽ پوءِ ماڻهو سندس چوڻ تي هوندا ۽ ووٽ به ڏيندا ۽ احتجاج لاءِ به نڪري سگهندا. سڀاڻي جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان اهڙي پوزيشن ۾ آيو ته اهو صنعت واري وزارت جي گهر ڪري ڇڏيندو اها سندس لاءِ وڏي وزارت هوندي جنهن ۾ مدرسا به شامل هوندا. هو سسٽم کي ڏيکارڻ چاهي ٿو ته مون وٽ طاقت آهي. ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ مدرسن جي حوالي سان ضمانت ڏئي چڪي آهي ته اها به نه چاهيندي ته واعدي خلافي ڪري ڇو ته ٻيهر مٿن ڪير اعتماد نه ڪندو. هوڏانهن مولانا خلاف ٻين مدرسن وارا به آهن جيڪي پڻ طاقت رکن ٿا. ائين لڳي ٿو ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي ڳالهه مڃرائي نه سگهندو. ڪٿي نه ڪٿي معاملا طئي ڪرڻا پوندا.

  • مدرسن بابت بل تي حڪومت  فضل الرحمان کي پرچائڻ ۾ ناڪام، ڊيڊ لاڪ برقرار

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت ۽ جي يو آءِ (ف) جي سربراهه فضل الرحمان وچ ۾ مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان پنهنجي موقف تي قائم آهي، جڏهن ته  ٻنهي وچ ۾ بيڪ ڊور رابطا به جاري آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران هن وقت تائين مولانا کي راضي ڪرڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ويون آهن. ٻئي طرف اتحاد تنظيمات مدارس دينيا جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس 16 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري کي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جي ايڊوائيس موڪلي ڇڏي آهي ۽ امڪان آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن سميت 8 بل منظور ڪيا ويندا. ٻئي طرف جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ حافظ حمدالله مدرسن جي رجسٽريشن بل تي صدر جي اعتراضن تي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي، جنهن تي سڌ سماءَ واري وزير عطا تارڙ جو ردعمل به سامهون آيو. پنهنجي بيان ۾ حافظ حمدالله چيو ته صدر جي اعتراضن سبب ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر اچي وئي آهي، اهي اعتراض ان ڳالهه جي تصديق آهن ته اصل مقصد مدرسن کي فيٽف تحت هلائڻ آهي. عطا تارڙ چيو ته بل تي صدر جا اعتراض قانوني ۽ آئيني آهن، اعتراضن ۾ نه ئي فيٽف جو ذڪر آهي ۽ نه ئي واسطو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.