ميرپورخاص(بيورورپورٽ) سنڌو درياءُ تي 6 ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ايس يو پي ۽ مختلف سماجي ۽ قومي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پاران پراڻي ميرپور کان ميرپورخاص پريس ڪلب تائين پيادل مارچ منعقد ڪيو ويو پيادل مارچ ۾ شريڪ جيجل ماءُ سوين جوڌن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي 30 ڪلوميٽر جو سفر 4 ڪلاڪن ۾ طئه ڪيو، پيادل مارچ ۾ شريڪ سنڌ جي حلالي پٽن رستي ۾ ايندڙ مختلف ننچن وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ اسٽاپن تي گشت ڪندي پنجاب تو سان جھيڙو آ، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال اڏيندين ته پادر کائيندي سميت مختلف نعرا هنيا سنڌ جي حقن جي لاءِ نڪتل جوڌن جي قافلي تي مختلف علائقن ۾ عوام پاران گلن جي ورکا ڪئي وئي، پراڻي ميرپور کان نڪتل پيادل قافلو ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان پهچي احتجاجي ڌرڻي ۾ تبديل ٿي ويو، ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان اتحاجي ڌرڻو هڻڻ تي روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن محمد خان مري، لالا اظهر، عبيدبنگلاڻي، شاهنواز وساڻ، تاج رند، واجد لغاري ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياءُ تي نوان ڪئنال اڏڻ سان پنجاب کي ته ترقي ملند پر سڄو سنڌ بنجر بڻجي ويندو پنجاب گذريل 70 سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي گرين پاڪستان جي نالي ۾ اسان کي ڪوڙا انگ اکر ٻڌائي دوکو ڪيو پيو وڃي. ھن چيو ته گريٽر ٿر ڪئنال، چئوبارا منصوبي ۽ گريٽر بلوچستان ڪئنال منصوبي کانپوءِ 35 لک ايڪڙ زمين نه پر92 لک ايڪڙ بنجر زمينون پوکڻ لاءِ سنڌو مان پاڻي کنيو ويندو، جنھن سان سنڌ تباھ ٿي ويندي اڳ ئي پاڻي جي کوٽ جي ڪري سنڌ جي زراعت تباھ ٿي رهي آهي هن چيو ته سنڌو تي نوان ڪئنال اڏڻ اعلان سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڊيٿ وارنٽ جاري ڪرڻ جھڙو آهي .