ملڪ ۾ ڊگھي وقت جي جاري سياسي ڇڪتاڻ بعد اپوزيشن جي وڏي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت اسان ڳالھين ڪرڻ جو اشارو ڏنو آھي.جنھن سان اھا اميد پئدا ٿي آھي تھ ملڪ ۾ سياسي ٽڪراءَ ۾ ڪنھن حد تائين گھٽتائي اچي سگھي ٿي ۽ ان سان حڪومت کي بھ ڪجهھ ساھي پٽڻ ۽ عوام جي حقيقي مسئلن حل ڪرڻ واري پاسي ڌيان ڏيڻ جو موقعو ملي سگھي ٿو. ان حوالي سان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان 5 رڪني ڪميٽي به قائم ڪري ڇڏي آهي. پر اڃا تائين ڌرين وچ ۾ ڪا باظابطا اڳڀرائي ٿيندي نظر نھ پئي اچي. جنھن کي ڪو سٺو عمل تھ نٿو قرار ڏئي سگھجي.
گذريل مهيني پي ٽي آءِ اسلام آباد تحريڪ جي باني جي آزادي جو مطالبو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ پاڪستان جي گادي واري شھر ٻن ڏينهن لاءِ ٿي ويو ھو.ان دوران 5 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ 12 پي ٽي آءِ ڪارڪن مارجي ويا ھئا. ھن کان اڳ ھميشھ پي ٽي آءِ چوندي رهي ته ڳالهيون بااختيار ماڻهن سان ٿينديون ۽ هتي ”بااختيار“ ماڻهن جو مطلب پاڪستان جي طاقتور اسٽيبلشمينٽ آهي. پر ھاڻي ان جماعت پاران سياسي ڌرين سان ڳالھين ڪرڻ جو اشارو اچڻ ھڪڙي لحاظ سان ملڪي سياسي فضا ۾ مثبت عمل سمجھيو پيو وڃي.
پي ٽي آءِ، جي ڳالھين واري اشاري کان اڳ ان جماعت سول نافرماني جي تحريڪ جو بھ اعلان ڪري رکيو ھو، جنھن ڪري لازمي طور تي حڪومت کي بھ ان سان پريشاني آھي، ڇاڪاڻ جو لڳاتار اپوزيشن جي وڏي جماعت جي احتجاج ملڪ جي معاملن کي گھڻو منجھائي ڇڏيو آھي.
حڪومت کي اھڙي آڇ جي موٽ ۾ تڪڙي بنيادن تي ان سلسلي کي اڳتي وڌائڻ گھرجي ڇاڪاڻ جو ھن کان اڳ سمورين سياسي ڌرين کي پاڪستان تحريڪ انصاف کان اھا ئي شڪايت ھئي تھ اھا انھن سان ڳالھين ۾ ڪا دلچسپيءَ نھ ٿي رکي.پر ھن وقت جڏھن ھڪ ھاڪاري عمل جي شروعات ٿي رھي آھي تھ حڪومت بھ پاڻ تي ذميداري کان پاسو ڪري رھي آھي، جنھن جو ملڪي سياست کي ڇيھو رسندو.
پي ٽي آءِ ۽ حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي روين مان اھو بھ نظر اچي رھيو آھي تھ اھي ڳالهائڻ گهڻي دلچسپي نٿيون رکن.ممڪن آھي اھي ڌريون سياسي اسڪورنگ جي لاءِ مذاڪرات کي استعال ڪنديون ھجن،پر ان جو وري بھ سياسي ميدان ۾ ٻنھي کي نقصان رسڻو آھي.جنھن ڪري ھن وقت انھن کي سنجيدگيءَ سان ڳالھين جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آھي.
ملڪ جي سياست جي وڌندڙ گرمي پد کي گهٽ ٿيندي ڏسڻ جي خواهش رکندڙن جي لاءِ اھا ھڪ اميد آھي.عام ماڻھو چاھي ٿو تھ ملڪ ۾ ساسي استحڪام ھجي، ڇاڪاڻ جو ان جو گھڻو نقصان عام ماڻهو کي ئي ٿيندو رھيو آھي.
ملڪ جي سياسي صورتحال ان انتھا تي پھچي وئي آھي جو ھاڻي ڪنھن بھ ڌر کي ٻي ڌر تي اعتبار نھ رھيو آھي، ان ڪري ڌريون ھن وقت ھڪ ٻئي کي شڪ جي نگاھ سان ڏسي رھيون آھن، پر سياسي معاملن کي سياسي طريقي سان حل نھ ڪرڻ جي صورت سان ملڪي سياست ۾ اڳتي وڌڻ ممڪن نھ آھي.قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ حڪومتي نمائندن ان تجويز کي مثبت قرار ڏنو آهي، پر ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار يا قانون واري وزير نذير تارڙ ان جي آجيان پڻ ڪئي پر ڪنھن ٺوس حڪمت عملي سامھون نھ آئي آھي.
بئريسٽر گوهر حڪومت تي زور ڀريو آهي ته سندن شڪايتون ڳالهين ذريعي حل ڪيون وڃن ۽ پارٽي کي ٻيھر احتجاج تي مجبور نه ڪيو وڃي. هن اھو پڻ چيو ته ڳالهين جي خواهش کي پارٽي جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.ممڪن آھي تھ حڪومت تحريڪ انصاف جي ڳالهين جي آڇ کي پارٽي جي ڪمزوري سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏي يا ان حوالي سان سنجيدگيءَ جو مظاهرو نه ڪندي.حڪومت شروع کان مسئلا حل ڪرڻ بدران اُنهن کي اينگھائيندي آئي آهي ۽ اھا سمجھندي آھي تھ هڪ ڀيرو معاملو ٽري ويو تھ اھي آجا ٿي ويا.پر اھو ڪنھن بھ طرح سان سياسي رويو نھ آھي.پر حقيقت ھي آھي تھ ڪنهن مسئلي کي نظر انداز ڪرڻ ان جو حل ڪو بھ نھ آھي.
ممڪن آھي تھ ڪو اھو بھ سمجھي تھ 26 نومبر تي تحريڪ انصاف جي ناڪام احتجاج کانپوءِ پارٽي ۾ طاقت ۾ نھ رهي آهي ۽ ان جي مقبوليت بھ گھٽجي رھي آھي، انڪري حڪومت مطمئن آھي تھ ھو اڳتي وقت کي ڪڍي ويندي، ان ڪري اپوزيشن جي اھڙي آڇ کي ليکي ۾ نھ آڻڻ جو خيال بھ من ۾ آڻي، پر ملڪ جنھن بحران مان گذري رھيو آھي ان سان ھر وقت مسئلا گڏ ھلي رھيا آھن. اهو اطمينان دراصل حڪومت جي بي حسي جو سبب بڻجندو. اهو رويو ملڪ ۾ سياسي مونجهاري کي وڌيڪ مشڪل بڻائي ڇڏيندو. حڪومت کي اهو نھ سمجهڻ گهرجي ته تحريڪ انصاف جي احتجاج کي دٻائڻ سان اھا ڪامياب ٿي وئي آھي ۽ مستقبل ۾ پڻ اھو سڀ ڪجهھ ان جي لاءِ ممڪن ھوندو.
ملڪ جي سياسي ميدان ۾ڪن بنيادي ڳالھين تي اتفاق ٿيڻ تائين ملڪ ۾ سياسي استحڪام ويجھڙائي ۾ نظر نھ پيو اچي ان ڪري ٻنھي ڌرين ۽ خاص ڪري حڪومت جي ڌر کي وڌيڪ ھن پاسي ڏانھن ڌياڻ ڏيڻ گھرجي. تحريڪ انصاف مثبت رويي کي حڪومت کي پنهنجي ڪاميابي سمجھڻ گھرجي ۽ انھن جي شڪست سمجهڻ نھ گھرجي ۽ ان رويي کي ملڪ کي اڳتي وڌائڻ جو بهترين موقعو سمجهڻ کپي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪومت طرفان هڪ باضابطه ڪميٽي جو اعلان ڪيو وڃي ته جيئن اختلافي ڳالھين تي ڳالھيون ٿي سگھن.
ساڳئي ريت تحريڪ انصاف سمجهڻ گهرجي ته اها حڪومت کي دٻاءُ واري حڪمت عملي ذريعي ڳالهين لاءِ قائل نٿي ڪري سگهي.ھاڻي جڏھن اھا ڳالھيون ڪرڻ جي خواھش جو اظھار ڪري ٿي تھ ان عمل جي لاءِ کيس ٺوس ۽ اعتبار جوڳا قدم کڻڻا پوندا جنھن سان شڪ جي باقي ڪا گنجائش نھ رھي،ڇاڪاڻ جو جيڪي اڳواڻ پنھنجي ڳالهھ کي پاڻي نھ ڏيندا آھن انھن تي ھر وقت شڪ رھي ٿو.اميد ڪجي ٿي تھ سياسي ڊائلاگ جي شروع ڪيل ڳالهھ جو ڪو ملڪ ۽ عوام جي لاءِ ڪو عملي طور مثبت نتيجو نڪرندو،جنھن کانسواءِ اڳتي وڌڻ نا ممڪن نظر اچي رھيو آھي.