ڇا جنگيون ئي نوان عالمي سياسي نظام متعين ڪنديون آهن؟

تحرير: ڊاڪٽر سڪندر مغل

 

(آخري حصو)

هر عالمي نظام ٽن ٿنڀن تي بيٺل هجي ٿو:

ملڪن جي خودمختياريءَ جو اصول: هر رياست جي سرحدن جو تعين.

انساني حقن جو تصور

توانائيءَ جو مخصوص قسم:

عالمي نظامن کي هلائيندڙ توانائي.

وچئين دور جي 300 بالغ باشندن واري هڪ مثالي يورپي ڳوٺ کي انساني محنت مان رڳو 15 هارس پاور، 60 جانورن مان 30 هارس پاور ۽ پاڻيءَ جي ڦيٿي (جنھن اناج کي اٽي ۾ تبديل ڪيو ٿي) مان 3 هارس پاور توانائي ملي ٿي (ٽوگورن دِي گلوب: الفريڊ ڊبليو. مڪ ڪوائي).

پَن چڪيون (Water Mills) قديم روم کان وٺي، توانائيءَ جو هڪ اهم ذريعو رهيون آهن. ڪي تاريخدان، 10 صديءَ ڌاران يورپ مان غلامن جي غائب ٿي وڃڻ کي پاڻيءَ جي طاقت جي ڦھلجي وڃڻ سان ڳنڍن ٿا.

اسپين ۽ پورچوگال سلطنتن جي دور کي گڏي ابيرين دور(Iberian Age) سڏيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ اوائلي عالمي نظام هو. هنن سلطنتن آفريڪي ۽ آمريڪي غلامن کان محنت ڪرائي، انساني گوشت جي گڏيل طاقت کي استعمال ڪيو ۽ هوا جي زور کي ٻيڙن ۽ چڪين (Mills) کي هلائڻ لاءِ استعمال ڪيو.

هوا تي هلندڙ چڪي (Wind Mill) 12 صديءَ ۾ قديم ايران (Persia) کان يورپ پھتي، جيڪي 14 صديءَ ڌاران انگلينڊ ۾ 4500 ٿي ويون ۽ سترهين صديءَ ڌاران هالينڊ ۾ 4000 ٿي ويون.

ٽڪنڊا سڙهه (Triangular Sails) استعمال ڪندي، پورچوگيز ٻيڙن، بار کڻڻ جي پنھنجي قابليت ٻيڻي ڪري ڇڏي.

پاڻي جي چرخي (Water Wheel) جي 3 هارس پاور طاقت جي مقابلي ۾ سڙهن وارن ٻيڙن 50 هارس پاور طاقت پئدا ڪئي ٿي ۽ هالينڊ جي وڏين هوا تي هلندڙ چڪين (Wind Mills) 60 هارس پاور تائين توانائي پئدا ڪئي ٿي.

اڳلين ٽن صدين تائين سڙهن وارن ٻيڙن ڪمند جي پوکائي (Sugar Plantation) ڪرڻ لاءِ (جيڪا تمام گهڻي ظالماڻي ۽ تمام گهڻي نفعي واري هئي) لکين آفريڪي غلامن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪرائڻ لاءِ ڍويو.

ابيرين عالمي نظام کي هلائيندڙ توانائي، گوشت جي طاقت (پوءِ اهو انسانن جو هجي يا جانورن جو) مان پئدا ٿئي پئي ۽ بعد ۾ هوا تي حاڪميت ڪرڻ سان هوا تي هلندڙ چڪين (Wind Mills) ۽ سڙهن وارن ٻيڙن کان ڪم ورتو ويو. ڊچ ماڻهن هوائي چڪين ۽ ٻيڙن جي تعمير ۾ وڏي مھارت حاصل ڪئي. غلامن کان به سخت ڪم ورتو وڃڻ لڳو.

19 صديءَ ۾ برطانوي سلطنت ڪوئلي ۽ ٻاڦ تي هلندڙ مشينن کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو. توڻي جو برطانيه ساڳئي وقت ائٽلانٽڪ سمنڊ جي پار غلامن جي واپار کي چوٽ چاڙهي ڇڏيو. ٻاڦ تي هلندڙ ٻيڙن، دنيا جي مختلف کنڊن کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو.

جيئن وري آمريڪا، برطانيه کان گوءِ کڻڻ لڳو، ان جي صنعتن پئٽرول تي هلندڙ اندر ٻرندڙ انجڻين (Internal Combustion Engines) ۾ وڏو سڌارو آندو. جنھن سان موٽر گاڏيون، جھاز ۽ راڪيٽ هلڻ لڳا.

20 ۽ 21 صديءَ ۾ ڪوئلي، تيل ۽ گئس کان علاوه شمسي توانائي ۽ ائٽمي توانائيءَ جو به استعمال ٿي رهيو آهي.

هاڻي عالمي سياسي نظام قائم ڪرڻ ڪنھن هڪ ملڪ جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي. هونئن ماضيءَ ۾ ڊچ سلطنت، برطانيه ۽ فرانس اڪيلي طور تي فوجي ۽ معاشي طاقت بڻيا پر پھرين عالمي جنگ کان پوءِ عالمي سطح تي دوست ۽ دشمن ملڪن جا پاڻ ۾ اتحاد قائم ٿيا آهن ۽ اهي عالمي سطح تي بطور اتحادن جي هڪ ٻئي سان وڙهيا آهن.

پھرين عالمي جنگ ۾ 18-1914:

برطانيه اٽلي، فرانس، جاپان ۽ آمريڪا هڪ طرف ۽ جرمني، آسٽريا، هنگري ۽ سلطنت عثمانيه ٻئي طرف.

ٻي عالمي جنگ 45-1930:

برطانيه، آمريڪا، فرانس، روس هڪ طرف؛ جاپان ۽ جرمني ٻئي طرف.

ٻي عالمي جنگ کان پوءِ سرد جنگ (1990 تائين)

روس، مشرقي يورپ، ويٽنام، ڪيوبا ۽ چين هڪ طرف؛ آمريڪا يورپ ۽ ناٽو جا ٻيا ملڪ ٻئي طرف.

سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ:

چين، روس ۽ بِرڪس جا ٻيا ملڪ – هڪ طرف؛ آمريڪا، نيٽو جا ملڪ ۽ ڪجهه مشرقي يورپ جا ملڪ – ٻئي طرف.

ڇا نئون عالمي نظام اچڻ وارو آهي؟

ري. ڊيليو، آمريڪي معاشي ماهر مطابق ملڪن جا عروج ۽ زوال هڪ خاص ڦيري مطابق ٿين ٿا. ان ڦيري کي مختصر نموني هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو.

نئون عالمي نظام ←  خوشحالي ← قرض جو بلبلو ← دولت جي وڏي وٿي (اميرن ۽ غريبن ۾) ← قرض جو چاڙهه ← پئسي ۽ رقم جي ڇپائي← انقلاب ۽ جنگيون ← قرض ۽ سياست جي نئين سر جوڙ جڪ ← هڪ نئون عالمي نظام.

سرد جنگ ۽ سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا هن وقت دنيا جو اڪيلو واحد سپرپاور بڻيل آهي پر ان جي معيشت تيزيءَ سان ڪِري رهي آهي.

آمريڪا مٿان تمام گهڻو قرض چڙهي چڪو آهي.

ڊالر، ڇاڪاڻ ته آمريڪا لاءِ رزرو ڪرنسي آهي ۽ دنيا جا 40 ملڪ ان کي ڪرنسيءَ طور استعمال ڪري رهيا آهن، ان ڪري ڊالر آمريڪا کي ڪافي وقت تائين بچائي رکندو.

بين الاقوامي تجارتي ڏيتي ليتي به گهڻي حد تائين ڊالر جي شڪل ۾ ٿئي ٿي.

سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق ۾ آمريڪا اڃا سڀني ملڪن کان اڳتي آهي.

آمريڪا ٻين ملڪن کان ورتل قرض ڦٻائي سگهي ٿو. چين هاڻي معاشي سائنسي ٽيڪنالاجيڪل ۽ فوجي طور دنيا جي ٻيو نمبر طاقت بڻجي رهيو آهي.

ڇا چين، آمريڪا کي سپرپاور جي ڪرسيءَ تان بيدخل ڪري سگهندو؟

چين تي به ڪافي قرض چڙهيل آهي.

چين جي One Belt One Road ۽ اهڙن ٻين ميگا پروجيڪٽن تي تمام گهڻي سيڙپ ٿيل آهي.

چين جيوپوليٽيڪلي، هڪ قبضو ڪندڙ/ توسيع پسند (Hegemonistic) قوت نه آهي.

چين، آمريڪا کي قرض ڏيندڙ وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي.

نئين عالمي نظام اچڻ لاءِ ڇا هڪ عالمي جنگ لازمي آهي؟ ڇا نئون عالمي نظام محض هڪ طاقتور ملڪ جي معاشي ۽ فوجي طاقت جي بنياد تي نه ٿو ٺھي سگهي ۽ نه ٿو نافذ ٿي سگهي.

جيڪڏهن هڪ نئين (ٽين) عالمي جنگ ڇڙي به پئي ته پوءِ ڇا هن ڌرتيءَ تي انسانذات جو خاتمو نه ٿي ويندو؟ ڇو ته اها عام رواجي جنگ نه هوندي پر اها هڪ موتمار ائٽمي جنگ هوندي.

ڪمزور ٿيندڙ سپر طاقت (مثلاً آمريڪا) ڇا ان هارائيندڙ جنگ ۾ آخري حربي طور پنھنجا ائٽم بم استعمال نه ڪندي؟

ان ڪري نئين عالمي نظام جو فيصلو ايترو تڪڙو نه ٿي سگهندو.

ان جو فيصلو هي طاقتون ڪنديون:

فوجي طاقت

معاشي طاقت

ٽيڪنالاجيڪل طاقت

هن وقت عالمي پئماني تي ٽين عالمي جنگ ڇڙڻ لاءِ هيٺيان ٻرندڙ هنڌ (Flash Points) آهن:

روس ۽ يوڪرين جنگ

جيڪڏهن ناٽو جا ملڪ ان ۾ سڌو سنئون داخل ٿيا ته پوءِ ٽين عالمي جنگ لڳڻ جا قوي امڪان آهن.

وچ اوڀر جي صورتحال:

اسرائيل – فلسطين، لبنان جنگ – آمريڪا، تائيوان تنازعوهندستان ۽ پاڪستان تنازعو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.