ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسڪول ايجوڪيشن کاتي شبِ برات جي موقعي تي 4 فيبروري 2026 تي تعليمي ادارن ۾ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، شبِ برات جي موقعي تي 4 فيبروري 2026 تي تعليمي ادارا بند رهندا، نوٽيفڪيشن سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن تي لاڳو هوندو.