ڪراچي ۾ مَنگهي پِير واري پاسي ختم ٿيندڙ گهاڙيون قبرون ۽ ڇَٽيون

تحرير: امين جويو

  سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچي، ڪو نئون يا اوچتو دنيا جي تختي تي اُڀرندڙ شهر ناهي پر هن جي لکين سالن جي تاريخ آهي ! جي ها بلڪل ؛ ڪراچي جي پَراچين اِتهاس تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي ، تنهن ڪري ڪراچي جي تاريخ تي وقت جي هزارين مَڻ دَزَ چڙهيل آهي. مون کي يقين آهي ته جَديديت جي هن دور ۾ ضرور ڪي بَرجستا نوجوان سامهون ايندا ۽ وقت جي ان دَزَ کي لاهي ، ڇَنڊي ڦوڪي ڪراچي جي تاريخ کي نِکاري نِروار ڪندا.  هن مضمون ۾ منهنجي ڪوشش اها آهي ته ويجهي ماضيءَ ۾ ڪراچيءَ جي مَنگهي پير واري عِلائقي منجهان ختم ٿيندڙ گهاڙي قبرن ۽ اُڪَرَ ٿيل ڇَٽين ڏانهن ڌيان ڇِڪايان.

اسان جا اديب ، تاريخدان ۽ ساڃاهه وَند ڳالهه ته ڪراچي جي مالڪي ۽ وِرثي جي وارثي جي ڪندا آهن پر سواءِ چند ماڻهن جي، اسان ويجهي ماضيءَ ۾ ڪراچيءَ ۽ پسگردائيءَ ۾ موجود ختم ٿيندڙ اُڪرَ / چِٽساليءَ وارين خوبصورت ۽ تاريخي گهاڙين قبرن ۽ ڇَٽين کي به نه بچائي سگهيا آهيون ، جيڪي تيزيءَ سان مختلف سببن جي ڪري ختم ٿي رهيون آهن.

اڄ کان ڇويهه سال اڳي ( 1998ع ) ۾ جڏهن مون پهريون ڀيرو مَنگهي پير وارو پاسو گهميو هو تڏهن مون اتي سَوَنِ جي اَنگَ ۾ گهاڙيون قبرون ۽ هڪ يا ٻهَ عدد ڇَٽيون ڏٺيون هيون ، پر هاڻي جڏهن مَنگهي پِير وڃجي ٿو ته سواءِ ڪنهن ڀَڳل ٽُٽل يا اُڙي ٿُڙي گهاڙي قبر جي ٻيو ڪجهه به نظر نه ايندو ! افسوس آهي اسان جي حال تي! جو اهڙو شاندار ثقافتي وِرثو وِڃائي ويٺاسين.

سائين گُل حسن ڪلمتي جي تحقيق مطابق ؛ ” مَنگهي پِير واريون گهاڙيون قبرون ۽ ڇَٽيون بُرفتن جون آهن ، پر درگاهه جي ايراضي وڌائڻ لاءِ انهن کي ڊاهيو ويو ۽ رهيل ڪَسَرَ تَرَ جي طاقتور ماڻهن پوري ڪئي جن ، گهاڙي قبرن کي ختم ڪري اتي دڪان ٺاهيا ۽ درگاهه جي سامهون رستو ڪڍيو ويو جنهن سبب گهڻيون گهاڙيون قبرون انهيءَ رستي سبب پائجي ويون.

خبر ناهي مٿي بيان ڪيل گهاڙين قبرن ڊاهڻ واري عمل وقت ؛ مدفون ماڻهن جا وارث ، سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي جا عملدارَ ۽ مَنگهي پِيرَ ۾ موجود پڙهيل لکيل ۽ با شعور ماڻهو ڪٿي هئا ! جن اهو غلط ڪم ٿيڻ ڏنو ۽ ڪنهن به مزاحمت نه ڪئي!

بهرحال اهڙي طرح سان مَنگهي پِيرَ ۽ ان جي ڀَرپاسي ۾ موجود قديم ، ناياب ۽ خوبصورت گهاڙيون قبرون ۽ ڇَٽيون هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويون . باقي بچيل گهاڙين قبرن جي حالت به انتهائي زبون ۽ خسته حال آهي. جيڪڏهن انهن جا وارث يا سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي انهن جي سار سنڀال نه لڌي ته آهستي آهستي اهي به سَر زمين تان هميشه جي لاءِ غائب ٿي وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.