سنڌ جيڪا پنهنجي زرخيز زمينن ۽ ڪڻڪ جي پيداوار سبب مشهور آهي، اڄ اتي جو پورهيت طبقو اٽي جي هڪ هڪ ڪلو لاءِ پريشان نظر اچي ٿو. مهانگائيءَ جي مسلسل وڌندڙ لهر پورهيتن، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن ۽ گهٽ پگهاردار طبقي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. اٽو، جيڪو انساني زندگيءَ جي بنيادي ضرورت ۽ مانيءَ جو واحد ذريعو آهي، هاڻي غريب جي دسترخوان تان غائب ٿي رهيو آهي. هڪ عام پورهيت، جيڪو سڄو ڏينهن سخت پورهيو ڪري 500 کان 800 رپيا ڏهاڙي ڪمائي ٿو، ان لاءِ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ هڪ وڏي قيامت کان گهٽ ناهي. جڏهن اٽي جو في ڪلو اگهه 140 کان 160 رپين تائين پهچي وڃي، ته اهو پورهيت پنهنجي ٻارن لاءِ 5 ڪلو اٽو خريد ڪري يا گهر جو ڪرايو، بجلي جو بل ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ڪري؟ اڄ جي صورتحال هي آهي ته پورهيت پنهنجي ڪمائيءَ جو 70 سيڪڙو صرف اٽي تي خرچ ڪرڻ تي مجبور آهن.
ڪيترائي خاندان اڌ پيٽ ماني کائي گذارو ڪري رهيا آهن. ٻارن ۾ غذائي کوٽ جا مسئلا وڌي رهيا آهن ڇو ته مانيءَ کانپوءِ سالڻ يا کير لاءِ پئسا ئي نٿا بچن سنڌ جي عوام جو سوال آهي ته هڪ زرعي صوبو هجڻ جي باوجود هتي اٽو ايترو مهانگو ڇو آهي؟ ان جا ڪجهه مکيه ڪارڻ هي آهن وڏا واپاري ۽ منافعي خور ڪڻڪ جو ذخيرو ڪري مارڪيٽ ۾ هٿراڌو کوٽ پيدا ڪن ٿا. پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون ۽ مقامي انتظاميه سرڪاري اگهن تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي. ڪڻڪ جي ٻين صوبن يا ملڪن ڏانهن سمگلنگ به مقامي مارڪيٽ ۾ قيمتن جي واڌ جو سبب بڻجي ٿي.
جڏهن ماني مهانگي ٿيندي آهي، ته سماج ۾ بي چيني ۽ ڏوهن جي شرح وڌندي آهي. بکايل ماڻهو جڏهن پنهنجي ٻارن کي روئندي ڏسي ٿو، ته ان ۾ قانون جو خوف ختم ٿي ويندو آهي. سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اٽي جي سستي اسٽالن تي لڳل قطارون ۽ اتي ٿيندڙ لڙايون اسان جي سماجي بدحاليءَ جو چٽو ثبوت آهن. پورهيت طبقي کي هن عذاب مان ڪڍڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي فوري سطح تي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ مستقيل اسٽال لڳايا وڃن. ڪڻڪ لڪائيندڙ وڏن واپارين خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. مارڪيٽن ۾ اٽي جي وڪري کي سرڪاري اگهن جو پابند بڻايو وڃي.
اٽو رڳو هڪ کائڻ جي شيءِ ناهي، پر اها غريب جي بقا جي جنگ آهي. جيڪڏهن وقت سر اٽي جون قيمتون گهٽ نه ڪيون ويون، ته سنڌ جو پورهيت طبقو فاقاڪشيءَ سبب وڌيڪ سخت احتجاج ۽ نااميديءَ جو شڪار ٿي ويندو. حڪومت کي گهرجي ته سياسي مصلحتن کان مٿانهون ٿي صرف ۽ صرف پورهيتن جو تحفظ ڪري.سنڌ سرڪار طرفان اٽي جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ ناهن ورتا روز مزدوري ڪندڙن عام غريب ماڻهو پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ ڪمائي ڪري غربت ۾ گذاري رھيو آھي ھتان جي سرڪار ڪڻڪ جي قيمتن ۾ ھٿرادو ريٽ وڌائڻ سان انھن غريب مسڪينن لاءِ ڏڪر وارو نظام آندو ويو سال 2018 اٽو اڻلڀ ھجڻ سبب ان سال به غريب مسڪينن لاءِ ھڪ وڏو مصيبت وارو سال گذريو ھو محترم بينظير ڀٽو صاحب جي منشور ھو ته روٽي ڪپڙا اور مڪان سستو جو منشور ۽ نعرو به ھن پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ ھڪ خواب بڻجي ويو عام غريب عوام اٽي کائڻ ۽ لٽو پائڻ لاءِ غريب مسڪين روز مزدور ڪندڙن سنڌ جو غريب عوام اٽي جي لپ لاءِ مهانگائي جي جنگ لڙي رهيا آهن، سنڌ حڪومت اٽو سستو ڪرڻ بجاءِ منافعي خورن سان ملي ڪري غريب مسڪينن کي ھڪ ويلي جو اٽو مهانگائي جي ڪانٽي تي پھچائي ڇڏيو
مختيار علي بلوچ