ملڪ جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال

تحرير: غلام حسين لغاري

  26 نومبر ڊي چوڪ واقعي بعد جنهن ۾ قتل و غارت ٿي بيگناهه شهرين جو خون وهيو ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تيزي سان تبديلي طرف وڃي رهي آهي ممڪن آهي ته نئون سال ملڪ ۾ ڪا نئين تبديلي آڻي جنهن ۾ قومي حڪومت وجود ۾ اچي جنهن لاءِ تياريون هلن پيون. ڇا آمريڪا جي نئين قيادت قومي حڪومت جي آڙ ۾ طاقتورن جي چال کي مڃيندو يا پنهنجي مرضي هلائيندو اهو به هڪ سوال آهي پر آمريڪا ڪنهن به قومي حڪومت تي راضي نه ٿيندو اهو پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت کي پروان چڙهندي ڏسڻ جو خواهان آهي جنهن جو واحد حل نئين سر آزاد ۽ منصفاڻي چونڊ ڪرائڻ هوندو.

آمريڪا هن وقت پاڪستان جي سياسي مسئلي کي سڌو سنئون ورتو آهي ۽ سڌو سنئون زور ڀري رهيو آهي. اهي به خبرون آهن ته پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير سڌي ريت پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي آهي جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف کي به سعودي عرب ۽ ٻيا عرب ملڪ زور ڀري رهيا آهن ته هو ملڪ جو سياسي مسئلو سياسي ۽ جمهوري انداز ۾ حل ڪري ملڪ کي سياسي ۽ معاشي بحران مان ٻاهر ڪڍي.وزيراعظم چاهي ٿو ته ملڪ سياسي معاشي بحران مان ٻاهر نڪري پر سندس ڪابينا ۾ ويٺل ليگ جا پراڻا اڳواڻ خواجا آصف ۽ ٻيا ان ڳالهه تي بضد آهن ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کان ڪجهه لکت ۾ ضمانتون ورتيون وڃن ته هو ن ليگ قيادت خلاف ڪي به انتقامي ڪارروايون نه ڪندو.پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ آمريڪي سفير وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون انهن جي تفصيلن ۽ نتيجن جو قوم کي انتظار رهندو پر جيڪا صورتحال آهي ته ملڪ جي ايندڙ بجيٽ ڪا متوقع نئين حڪومت ئي پيش ڪندي.

موجوده حڪومت بجيٽ کان اڳ بجيٽ پيش ڪرڻ واري آهي جنهن ۾ نئين سال کان اڳ ئي ملڪي سطح تي مالي فيصلا ڪيا ويندا جنهن سان حڪومت آءِ ايم ايف جا ڳرا شرط تسليم ڪري ملڪ ۽ قوم کي مهانگائي جي ڌٻڻ طرف ڌڪڻ چاهي ٿي کنڊ تيل گئس ۽ ٻين ضرورت وارن شين جا اگهه وڌندا ۽ وياج جي شرع گهٽائي بئنڪن کي جڪڙيو ويندو جنهن سان کاتيدار پنهنجون رقمون بئنڪن مان ڪڍرائي ڪاروبار ۾ لڳائڻ جو سوچيندا.حڪومت جي سخت پاليسين سبب پينشنرن ۽ سينئر سٽيزنن جي کاتن تان پنج سيڪڙو تائين منافعو گهٽجي چڪو آهي جنهن سان هي طبقو ڪافي پريشان آهي جو اهي عمر جي هن حد ۾ پنهنجي موڙي ڪنهن به ڪاروبار ۾ لڳائڻ جهڙا ناهن.حڪومت جي اها دعويٰ ته سندس پاليسين سبب اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شيئر لکن تائين وڌي چڪا آهن تنهن لاءِ به اهي خدشا آهن ته انهن جي وڌڻ جو سبب سياسي طريقو آهي جنهن جو فائدو امير ۽ سياسي قيادت وٺي اوچتو شيئر ڪيش ڪرائي رقمون واپس وٺي ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ڪندا جنهن سان ملڪ ۾ وڏو مالي طوفان اچي سگهي ٿو.  عمران خان اڄ 15 ڊسمبر کان سول نا فرماني جو به سڏ ڏنو آهي جيڪو هن 2014 ۾ به ڌرڻي دوران ڏنو هو جيڪو ان وقت به ناڪام ٿي چڪو هو.هن ڌرڻي ۾ بجلي جو بل ساڙيو هو پر سندس هي سڏ مختلف آهي جيڪو هن جيل مان ڏنو آهي ۽ انهن سمورن پاڪستانين کي به ڏنو آهي جيڪي پرڏيهه ۾ رهن ٿا جن کي هن چيو آهي ته ڪجهه وقت لاءِ پاڪستان پئسا موڪلڻ بند ڪيو. عمران خان جا پرڏيهه ۾ هزارين حامي آهن جيڪي سندس سڏ کي لبيڪ چوندا ۽ جيڪڏهن هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستانين رقم پاڪستان منتقل نٿا ڪن ته ملڪي معاشي حالتون ابتر ٿي سگهن ٿيون ۽ حڪومت لاءِ ڏچو پئدا ٿيندو.ملڪ ۾ سول نافرماني تي ڪيترو اثر پوندو اها الڳ ڳالهه آهي. بلن جي وقت سر ادائگي نه ٿيڻ ڪري ادارن کي وڏو نقصان ٿيندو ۽ مالي بحران جو شڪار ٿيندا بهرحال سول نافرماني وارو سڏ پاڪستان لاءِ ڪنهن حد تائين خساري جو سبب بڻبو.

ن ليگ حڪومت ۽ ان جي سياسي قيادت جنهن سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪي آهي ان مان نڪرڻ لاءِ محفوظ رستي جي ڳولا ۾ آهي جيڪو کين في الحال ڏسڻ ۾ نٿو اچي.ن ليگ ان خيال جي آهي ته ڪجهه ڏئي ڪجهه وٺجي ۽ قومي حڪومت جي حق ۾ آهي پر پي ٽي آءِ جي يو آءِ جماعت اسلامي ۽ ٻيون ننڍيون پارٽيون نين چونڊن جي حق ۾ آهن ۽ هڪ پليٽ فارم تي بيٺل نظر پيون اچن.ن ليگ هڪ طرف ڳالهين لاءِ مشروط تيار آهن ته ٻي پاسي چاهين ٿيون ته فيض حميد ڪيس ۾ عمران خان به هٿيڪو ٿئي ۽ واقع قرار ڪا سزا ڀوڳي جنهن سان کين محفوظ دڳ ملي سگهندو پر برطانيه جي حڪومت اڳ ۾ ئي چئي چڪي آهي ته عمران خان جي فوجي عدالتن آڏو پيش ٿيڻ جا ڪي به امڪان ناهن ۽ جنهن طريقي سان آمريڪا پاڪستان جي سياست ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ ايندڙ مهيني ٽرمپ حلف کڻندو ته ممڪن آهي عمران خان جي آزادي وارا در کلي پون ۽ پاڪستان جي سياست ۾ ڪجهه نيون تبديليون ڏسڻ وٽان ملن .

جيڪڏهن مخالف ڌر جي اڳتي هلي اڪثريتي حڪومت اچي ٿي هڪ ته 26 آئيني ترميم ختم ٿي سگهي ٿي ۽ آئيني بئنچ جي ججن جا ڏنل فيصلا به چيلئنج ٿي سگهن ٿا ۽ اهڙن ججن تي آئيني ۽ قانوني ڪارروائي به ممڪن ٿي سگهي ٿي جنهن لاءِ پي ٽي آءِ حڪمت عملي ٺاهي ڇڏي آهي جنهن جون اڳ ۾ ئي درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ زير التوا پيل آهن.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آئيني بئنچ جا جج ملڪ جي آئين ۽ قانون کي نظر ۾ رکن نه ڪي حڪومت سان وفاداريون نڀائڻ جي ڪوشش ڪن جنهن سان پي سي او جج هجڻ جو تاثر ملي. هن وقت ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي نه بحرانن کي وڌائڻ جي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.