هن سال مئي ۾ بري فوج جي فارميشن ڪمانڊرن جي 83 هين ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو سوشل ميڊيا تي اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ ’ڊجيٽل دهشتگردي‘ جو ذڪر ٿيو ۽ ان کي لغام وجھڻ لاءِ سخت قانون ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ويو.نومبر ۾ فارميشن ڪمانڊرز جي 84 هين ڪانفرنس پڻ ان مطالبي کي ورجايو. جڏهن ته مئي ۽ نومبر جي وچ واري مهينن ۾ سپھه سالار جنرل عاصم منير تقريبن هر خطاب ۾ سوشل ميڊيا جي ڇڙواڳي جو ذڪر ڪيو.
جيڪڏهن عسڪري قيادت طرفان لڳاتار اھو مطالبو نه بھ ٿئي ھا تڏھن بھ پاڪستان ۾ اظهار جي آزادي ۽ ڊجيٽل آزادي بابت لاڳاپيل عالمي فورمن جي راءِ ۾ پاڪستان جو رڪارڊ اهڙو ئي آهي جيئن طاقتور حلقا چاهين ٿا.مثال طور صحافين جي سرگرم عالمي تنظيم ”رپورٽرز ودآؤٽ بارڊرز “ پاران ھن سال جي پريس فريڊم انڊيڪس ۾ شامل 180 ملڪن مان پاڪستان جو 152 آهي.
آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ”فريڊم هائوس“ جي بهترين ملڪن تي ٻڌل تازي انڊيڪس ۾ انٽرنيٽ جي آزادي جي لاءِ جن اٺ شرطن کي بنيادي ڪسوٽي قرار ڏنو ويو، پاڪستان انهن مان ست شرطن کي پورو نٿو ڪري.فريڊم هائوس انڊيڪس ۾پاڪستان کي چين، ترڪمانستان، ايريٽريا، گڏيل عرب امارات ۽ سعودي عرب سميت انھن 121 ملڪن جي فھرست ۾وڌو ويو آھي جتي انٽرنيٽ ٽريفڪ تي سڀ کان وڌيڪ پابنديون آهن. اسان چاھيون تھ آساني سان ”رپورٽرز ودآؤٽ بارڊرز “۽ فريڊم هائوس جي رپورٽن کي تعصب واريون قرار ڏئي ڪري رد ڪري سگھون ٿا. ڇاڪاڻ ته پاڪستان پاڻ انٽرنيٽ تي بي مھار آزادي ۽ غير ذميواراڻي ۽ خطرناڪ مواد کي لغام وجھڻ لاءِ ھڪ جامع قانون ” پريوينشن آف اليڪٽرونڪ ڪرائم ايڪٽ“ (PICA) لاڳو ڪري رکيو آهي.
ان ايڪٽ کي تکن ڏندن ڏيڻ لاءِ، هن سال مبينا فائر وال جو بھ اضافو ڪيو ويو ته جيئن سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ضرورت مطابق معطل، سست يا ڪنٽرول ڪري سگھجي.
پر لڳي ٿو تھ اهي انتظام به ناڪافي آهن. اهو معاملو ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ ۽ انٽرنيٽ کي ريگيوليٽ ڪندڙ ھزارين نقصان ڏيندڙ ويب سائيٽس کي بلاڪ ڪرڻ جي ذميدار اداري پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي وس کان ٻاهر به نظر اچي ٿو.
ٽوئيٽر المعروف ايڪس پليٽ فارم ۽ وي پي اين خلاف جهاد به هينئر تائين بي اثر ثابت ٿي رهيو آهي. نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن اٿارٽي به اميدن تي پورو لهي نھ سگھي آھي ۽ تنھن ڪري ان کي ويڙھيو ويو آھي. تنهن ڪري هاڻي ڊجيٽل رائٽس پروٽيڪشن اٿارٽي ۽ نيشنل فورينزڪس ۽ سائبر ڪرائم ايجنسي (Nifca) ٺاهي پئي وڃي . نفڪا نه رڳو بي مھار انٽرنيٽ کي لغام ڏيندڙ سمورن ادارن کي ڇٽي فراهم ڪندي بلڪھ آئيني ادارن جي خلاف پروپيگنڊا ۽ توهين آميز مواد پکيڙيندڙن تائين بھ رسندي (آئيني ادارن مان مراد فوج، عدليه، پارليامينٽ، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون وغيره) پاڪستان جي انگريزي روزاني ’ڊان‘ جي ھڪ رپورٽ موجب نئين اٿارٽي ذريعي جعلي/ڪوڙين تصويرن، جعلي/ڪوڙين خبرن ۽ سائبر هراساني کي منهن ڏيندي.دھشتگرد نظرن ۽ نفرت کي هٿي ڏيڻ، قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهندڙ بي بنياد پروپيگنڊا ڪندڙن کي نه رڳو ڳچيءَ مان ورتو ويندو پر انھن کي خصوصي ٽربيونلز 7 سال قيد تائين ٽيپ۽ 20 لک رپيا تائين ڏنڊ جي سزا ٻڌائي سگهي ٿي. رپورٽ موجب ان سزا خلاف ٽربيونل کانسواءِ ڪنهن به اعليٰ يا ادنيٰ عدالت ۾ ان سزا خلاف اپيل نه ٿي سگھندي، نه ئي ان فيصلي کي چئلينج ڪري سگھبو ۽ نه ئي وفاقي، صوبائي ۽ مقامي حڪومتن کي جواب دھي جي لاءِ ڌر بڻايو ويندو.
رپورٽ موجب NIFCA جي بورڊ آف گورنرز جو سربراهه گهرو وزير هوندو، گهرو سيڪريٽري ڊپٽي هيڊ ۽ نيفا جو ڊائريڪٽر جنرل بورڊ جو سيڪريٽري هوندو. بورڊ ۾ آءِ ايس آءِ، ملٽري انٽيليجنس، انٽيليجنس بيورو، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، ناڻي ۽ قانون واري وزارتن جا سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل ريجنز جا پوليس سربراهه شامل هوندا، يعني حڪومت کان ٻاهر ڪو به نمائندو نه هوندو. في الحال حڪومت ڊرافٽ اٿارٽي جي مسودي تي سياسي اتحادين کي اعتماد ۾ وٺي رهي آهي. ان مشاورتي عمل کان سول سوسائٽي ۽ ڊجيٽل حقن سان لاڳاپيل تنظيمن کي ٻاھر رکيو ويو آھي.
اميد آهي ته نون ادارن جي قيام سان ڊجيٽل دهشتگردي، قوم۽ ملڪ خلاف سازشي پروپيگنڊا ۽ دهشت گردي جو جن قابو ۾ اچي ويندو.جيڪڏهن ڪنٽرول ۾ نھ اچي تھ اسان جي طرفان محب وطن حڪمران اشرافيه لاءِ هڪ ٻيو ھدف کي نشانو بڻائندڙ ماڊل انھن جي خدمت ۾ پيش آھي ۽ اھو آھي اتر ڪوريا جو ڊجيٽل ماڊل.
جيڪڏهن اسان سري لنڪا کان ڊينگي مڇر جي خاتمي لاءِ ٽيڪنيڪل مدد وٺي سگهون ٿا، سموگ لاءِ چيني تجربي مان فائدو کڻي سگھون ٿا ۽ اتر ڪوريا جي ميزائل ٽيڪنالاجي مان استفادو وٺي سگھون ٿا تھ ان جو ڊجيٽل ماڊل ڇو نٿا امپورٽ ڪري سگھون ؟ هي ماڊل بنهھ سادو آهي ۽ ”نه رهندو بانس نھ وڄندي بئنسري “ جي اصول تي ڪم ڪري ٿو. ان جي پويان سوچ اھا آهي ته عام ماڻهوءَ کي ايتري ئي آزادي ۽ ڄاڻ ڏني وڃي، جيڪا تمام ضروري هجي ۽ آزادي جي زيادتي سان ھن جي نفسيات نھ بگڙي.
مثال طور اتر ڪوريا ۾ موجود عام ماڻهوءَ کي جيڪو ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبار ملن ٿا.انھن جي ذريعي ھوءَ ملڪ ۾ ٿيندڙ هاڪاري قدمن ۽ پنھنجي ڀلائي جي لاءِ حڪمران خاندان جي سوچ کان مڪمل باخبر رھي ٿو. باقي دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڇا نھ اھو ھن جي مٿي جو ُسور ئي نھ آھي.عوام کي ذهني مونجهاري ۽ ڀيٽ واري مونجهاري کان بچائڻ لاءِ حڪومت طرفان منظور ڪيل ريڊيو ۽ ٽي وي سيٽ مهيا ڪيا وڃن ٿا.جن تي صرف مقامي نشريات جا سگنل ٻڌي ۽ ڏسي سگهجن
عام ماڻهوءَ کي انٽرنيٽ جي نه پر انٽرانيٽ جي ضرورت آهي ته جيئن هو پنهنجي پسند جي سرڪاري ويب سائيٽن کي ئي ڏسي سگھي ۽ هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهي سگھي. هي انٽرانيٽ صرف ڪوانگ مونگ بالي سرڪاري ڊجيٽل سرور ذريعي هلي ٿو ۽ موبائل فون سروس پڻ ان سرور سان ڳنڍيل آهي.
2جن ماڻھن کي انٽرنيٽ ذريعي ٻاھرين دنيا سان ربطو گھربل آھي ، ان جو تعداد 2 ڪروڙ 60 لک جي آبادي ۾ فقط ڏهه هزار آهي. ان ۾ حڪمران خاندان، حڪمران خاندان جا فرد، قومي سلامتي جا نگران حساس ادارا، دفاع سان لاڳاپيل اعليٰ عملدار، پرڏيهي آفيس جا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آفيسر، قومي ڪاميابين جي پرچار ڪندڙ کاتو، پرڏيهي سفارتڪار ۽ٻاھرين ملڪن ۾ مقرر اتر ڪوريا جا سفارتڪار ۽ ڀروسي جا امپورٽرز ۽ ايڪسپورٽرز شامل آهن.انٽرنيٽ سروس چين يونيڪام ۽ روسي ڪمپني ٽرانس ٽيليڪام ذريعي فرھام ڪئي ويندي آهي. غير ملڪي صحافي جيڪي اتر ڪوريا اچن ٿا، انھن کي هوٽل جي ڪمرن ۾ ۽ ڪوريج جي ھنڌن تي ٺھيل سينٽرن مان عارضي انٽرنيٽ سروس ملي ويندي آھي.
آءِ ٽي جي شاگردن ۽ استادن لاءِ بھ جئين تھ انٽرنيٽ ضروري آهي، ان ڪري ڪجهه چونڊيل يونيورسٽين جي انتظاميا پرڏيهي تحقيق، سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي مواد کي ڊائون لوڊ ڪري مقامي انٽرانيٽ سسٽم تي رکي ٿي، جنهن سان لاڳاپيل شاگرد ۽ استاد گڏجي ۽ انفرادي طور تي حڪومت جي مهيا ڪيل ڪمپيوٽرن تي ڏسي، پڙھي علم جي اڃ اجھائين ٿا.
اتر ڪوريا جا جيڪي اهلڪار پرڏيهه سفر ڪندا آهن انهن جي موبائل فونن ۽ ليپ ٽاپس ۾ نگراني چپس لڳل هونديون آهن ته جيئن اھي ملڪ کان ٻاهر غيرن جي شر کان محفوظ رھن ۽ حڪومت کي انهن جي خير،خبر بابت مڪمل باخبر ھوندي آھي.جيئن ته هر شاگرد يونيورسٽي نه ٿو وڃي، ائين هر شهري کي بيڪار ڊجيٽل رسائي جي بھ ضرورت ناهي. ان ڪري، اتر ڪوريا ٻاهرين دنيا جي آنڊن اوجھرين کان بھ پاڪ آهي ۽ جنھن کي جيتري ڊجيٽلائيزيشن گهربل آھي اھا سموري ميسر آهي.
پاڪستان فيبروري ۾ ان نتيجي تي پهتو ته ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) هر ڪنهن ايري غيري جي نه پر رڳو سرڪاري آفيسرن جي ضرورت آهي.تنهن ڪري Twitter جو ‘ سليڪٽيڊ ماڊل’ ڪاميابي سان هلي رهيو آهي. هاڻي هن ماڊل کي اتر ڪوريا جي انداز ۾ وڌائڻ جي ضرورت آهي تھ جئين روز روز جي نت نون قانون ۽ اٿارٽين جي قيام،فالتو جي ٽينشن ۽ ڀڄ ڀڄان کان ھڪڙي ئي ڀيري نجات ملي وڃي. اھي جيڪي چون ٿا ته آگھي کان وڏو ڪو ٻيو عذاب ڪونھي، اھا چوڻي رعيت لاءِ آھي، بادشاھ لاءِ نه آھي.