ڪارپوريٽ فارمنگ جو نسخو مختلف ملڪن ۾ آزمايو ويو آهي ۽ بُري طريقي سان ناڪام ٿي ويو آھي. ان ھوندي پاڪستان جا حڪمران وڏي اھتمام، پروپيگنڊا ۽ دلڪش ۽ دلفريب نعرن ذريعي پاڪستان جي عوام تي مڙھڻ لاءِ ضد ڪري رھيا آهن. بنيادي سوال اهو آهي ته ان مقصد لاءِ پنجاب، سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ لکين ايڪڙ زمين ڪنهن جي حوالي ڪئي پئي وڃي؟
جن ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيدارن، ڪمپنين يا غير لاڳاپيل ڪاروبار ادارن ۽ ڪمپنين کي اھا زمين ڏني پئي وڃي، ان جو فائدو ڪنهن کي حاصل ٿيندو؟ اھا لکين ايڪڙ زمين آخر ڪهڙن شرطن تي ملڪي ۽ غير ملڪي مالدارن حوالي ڪئي پئي وڃي؟ ڇا اهي سيڙپڪار ڪڏهن ”گھاٽي“ يا خساري جو پاڻ کي مالي نقصان وارو واپار ڪندا ؟ ڇا اهي ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيدار ۽ سيڙپڪار، اسان جي زمين، اسان جي واهن جو پاڻي استعمال ڪري پنهنجو پئسو ۽ منافعو ٻاهرين ملڪن ڏانهن منتقل نه ڪندا ؟ ڇا پنجاب،سرائيڪي وسيب ۽ سنڌ سميت ٻين صوبن جي مختلف ضلعن جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضي ڄمائڻ سان اتي جي بي زمين هارين ۽ ننڍن زميندارن لاءِ پاڻي جي اڻهوند ۽ ٻين مسئلن ۽ ٻيون مشڪلاتون پيدا نه ڪندا؟ ڇا مقامي آبادگار، زميندار ۽ هاري ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي استعمال ٿيندڙ زرعي مشينري،ٻج ۽ زرعي دوائون ۽ ٻين رعايتن ۽ سھولتن جو مقابلو ڪري سگھندا ؟ جن جن علائقن م اڳي ئي پاڻي جي گھڻي کوٽ آھي، انھن علائقن جي مقامي آبادگارن کي گھربل مقدار ۾ پاڻي فراھم ڪرڻ جي بدران ، انھن کي پاڻي جي کوٽ کي منھن ڏيڻو نھ پوندو ؟
ڇا رياستي سرپرستي ۾ ھلندڙ لکن ايڪڙ تي قابص ادارو ننڍن ننڍن آبادگارن ۽ ھارين کي مڪمل نطرانداز مفلوج ڪرڻ جو سبب نھ بڻجندو ؟ ڇا ڪارپوريٽ فارمنگ رٿا تي عمل ڪرڻ سان لکين خاندانن کي بيروزگار ٿيڻو نھ پوندو ؟ ڇا ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن تي عمل ڪرڻ سان آلودگيءَ ۾ وڌيڪ اضافو نه ٿيندو؟ ڇا لکين ايڪڙ زرعي زمين سم ۽ ڪلر جي تباهي جو شڪار نه ٿيندي؟ ڇا چولستان سميت سمورن علائقن ۾ رهندڙ هزارين خاندانن کي بي گهر، بي زمين ۽ بيروزگار ٿيڻو نھ پوندو؟ ڇا انهن علائقن ۾ رهندڙ لکين خاندانن لاءِ چوپايو مال پالڻ ناممڪن نه بڻجي ويندو ؟
سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اهو تجربو نه رڳو ناڪام ثابت ٿي چڪو آهي بلڪھ ڪيترن ئي ٻين انسان دشمن مسئلن کي پئدا ڪرڻ جو سبب بڻيو آھي.ان کان ڇا اھو انصاف ٿيندو تھ ورھين کان آباد ، سيراب ۽ آباد ٿيندڙ لکين ايڪڙ زمين پاڻي کان محروم ڪرڻ جي نئين رٿا بڻائڻ تي اربين رپيا خرچ ڪيا وڃن ۽ مقامي ھم وطنن جي لاءِ مختلف قسم جا مسئلا پئدا ڪيا وڃن.ان سان گڏ انھن کي بي زمين،بي روزگار ۽ بي گھر بھ ڪيو وڃي ؟
پاڪستان ۾ اڳي ئي پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، انهن زميني حقيقتن جي روشنيءَ ۾ رڳو ڪجهه عالمي طاقتن يا انهن جي حامين يا انهن جي مالياتي ادارن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي لکين ايڪڙ ايراضي، ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيدارن، مالدارن سيڙپڪارن، منافعي خور ڪمپنين يا غير لاڳاپيل ادارن جي حوالي ڪرڻ جو نھ تھ ڪو جواز آھي ۽ نه ئي ملڪ جي مختلف ادارن جي نجڪاري ڪرڻ ۽ وڌيڪ واهه ڪڍڻ تي اربين رپيا ضايع ڪرڻ جي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ درست قرار ڏئي سگهجي ٿو.