شام ۾ آيل تبديلي بعد  ھاڻي ڇا ٿيندو؟

شام ۾ آيل تبديلي کانپوءِ  عبوري انتظام جي لاءِ گروپن جي مشوري سان محمد البشير کي نگراني لاءِ وزارت اعظميٰ جو عھدو ڏنو پيو وڃي.جيڪو امڪاني طور نگران حڪومت جوڙيندو. جنھن بعد معاملو اڳيان وڌايو ويندو.وچ اوڀر جي  اھم ۽ تاريخي ملڪ شام ۾ آيل تڪڙي تبديلي گھڻن کي حيران ڪري ڇڏيو آھي.جنھن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.عالمي ميڊيا موجب شام ۾ باغين جي فتح اصل ۾ آمريڪا، اسرائيل، ترڪيھ ۽ سعودي عرب جي  ڪاميابي آهي،  جڏهن ته روس، ايران ۽ فلسطين کي وڏو ڌڪ لڳو آھي.جنھن جا مستقبل جي عالمي توڙي علائقائي سياست تي گھرا اثر پوندا.اھو سمجھيو پيو وڃي تھ ھن تبديلي ۾ سڀني کان وڏو ھٿ ترڪيھ جو آھي.ڇاڪاڻ جو ان جو شام ۾ موجود  ڪرد علائقي تي ڪافي اثر آهي.ماھرن ۽ مبصرن جو اھو بھ چوڻ آھي تھ ترڪيھ جا  حيات التحرير الشام  سان به لاڳاپا آهن.اھا تنظيم القاعده سان لاڳاپا ختم ڪرڻ کانپوءِ هڪ اسلامي قومپرست تنظيم طور اڀري آھي.خيال آھي ترڪيھ شامي پناهگيرن کي سندن ملڪ واپس موڪلڻ چاھيندو.

شام ۾ آيل تبديلي جا  ايران ۽ حزب الله تي منفي اثر پوندا.ڇاڪاڻ جو شام ھڪ اھڙو ملڪ ھو جتان ايران جو نھ رڳو حزب اللھ سان رابطو ھو پر اتان ئي ھٿيارن جي سپلاءِ  آسان ھئي.اھو سلسلو ُٽٽڻ جو خطرو آھي،جيتوڻيڪ ھن وقت ايران باغي گروپن سان رابطو ڪري رھيو آھي.ايران سمجھي ٿو تھ جيڪڏھن امڪاني طور تي باغين سان بھتر لاڳاپا قائم ٿين جئين ھڪ تھ ان مان ايران کي ڪيترائي فائدا آھن ٻيو ايران اھو بھ سمجھي ٿو تھ امڪاني طور تي شام تي اثر رکندڙ گروپن سان آمريڪا جي لاڳاپن جڙي وڃڻ ۽ مضبوط ٿيڻ جي صورت ۾ ايران خطي ۾ گھڻو ڏکيو ٿي پوندو.

ھن وقت جي صورتحال سان ھاڻي ان ڳالهھ جي گھڻا امڪان آھن تھ ايران جي لبنان ۾ ويڙھاڪن کي مدد نھ پھچي سگھي،جنھن سان فلسطين جي جاري جنگ ۾ اسرائيل کي سرسي ملڻ جو خطرو موجود آھي. ماھرن جو خيال آھي تھ روس خود بھ يوڪرين ۾ جنگ تي مڪمل ڌيان تھ ڏئي سگھي ٿو، پر شام ۾ ھن جي ھوائي اڏن بند ٿيڻ سان ھن کي خاصو نقصان رسندو.ان ڪري روس بھ آمريڪا اڳيان ڪنھن نھ ڪنھن مرحلي تي جھڪي سگھي ٿو.

شام جي تبديل ٿيل صورتحال سان گھڻو فائدو  اسرائيل کي پھچي رھيو آھي،ڇاڪاڻ جو اسرائيل کي فلسطينين جي پاران وڙھندڙ ويڙھاڪ گھڻو وقت جٽاءَ نھ ڪري سگھن.اھڙي ريت فلسطين ۾ حماس جيتوڻيڪ ويڙھ وڙھي رھي آھي پر ان کي ڀرپاسي کان ڪنھن مدد نھ پھچڻ جي ڪري اھا تمام گھڻي ڪمزور ٿي سگھي ٿي.ڪجهه مبصر ان خيال جا آھن تھ شايد يوڪرين ۽ روس وچ ۾ جنگبندي ٿي وڃي، ساڳي ريت حماس ڪمزور پوزيشن ۾ اچي اسرائيل سان جنگ روڪڻ جي ڪنھن ٺاھ تي راضي ٿي سگھي ٿو.ٻي صورت ۾ آمريڪا ۾ وچ اوڀر جي چوڪيداري ڪندڙ اسرائيل کي وڌيڪ جارحيت جاري رکڻ کان شايد ڪو نھ روڪي سگھي.

آمريڪا جي اڻيل ڄار سان  شام ۾ حڪومت جو تختو اونڌو ٿي ويو آھي، ھاڻي علائقي ۾ ھڪڙو ئي ملڪ ايران آھي جيڪو ڪنھن حد تائين آمريڪا ۽ اسرائيل کي کٽڪي رھيو آھي، ڪجهه مبصرن جو چوڻ آھي تھ ايران ۾ پڻ اھڙي ڪنھن اندروني تبديلي جي امڪان کي رد نھ ٿو ڪري سگھجي.جنھن لاءِ ڪي مثال بھ ڏنا وڃن ٿا جئين ايران ۾ حماس اڳواڻ اسماعيل ھانيھ جي قتل ۾ ايران ۾ موجود ڌرين جو ھٿ ھو.ايران ھڪ سخت گير ملڪ آھي، جتي قانون جي جڪڙ ۽ پڪڙ سخت آھي، عوام ۾ ڪنھن حد تائين بي چيني بھ موجود آھي.خطي ۾ آيل تبديلي کي ھندستان ۽ چين غور سان ڏسي رھيا آھن ۽ انھن جو وڏو ردعمل سامھون نھ آيو آھي.انھن ٻنھي ملڪن جي ھن تازي وچ اوڀر جي تبديلي ۾ ڪھڙي حڪمت عملي ھوندي اھو اڃان چٽي نھ آھي.

ھن وقت عالمي قوتون شام ۾ ٿيندڙ تبديلي کي غور سان سمجھڻ ۽ ان موجب پنھنجي حڪمت عملي ۽ پاليسين جوڙڻ تي ڌيان ڏئي رھيا آھن، پر ان کان اڳ اھو سمجڻ لازمي آھي تھ ان تبديلي جي اڳواڻي ڪندڙ ۽ ان سان مقامي سطحي تي ، علائقائي سطح تي ۽ عالمي سطح تي ڪھڙا ملڪ امڪاني طور اتحادي آھن ۽ مستقبل ۾ انھن جو شام جي ويڙھاڪ گروپن ڏانھن ۽ انھن گروپن جو انھن  ڌرين ڏانھن رويو ڪھڙو ھوندو ؟ ھن وقت حيات التحرير الشام يعني ايڇ ايس ٽي، ۾ ڪل 12 ويڙھاڪ گروپ شامل آھن.جيڪي شام جي صدر بشار الاسد جي تختي اونڌي ڪرڻ ۾ گڏ ھئا. انھن جو بھ اصل امتحان ھاڻي شروع ٿيڻو آھي. محمد الجولاني بابت ميڊيا جو چوڻ آھي تھ ھو مذھبي خيال رکندڙ اڳواڻ آھي ۽ اڳ ۾ ھو داعش سان سلھاڙيل ھو. ھن وقت بھ ايڇ ايس ٽي گڏيل قومن ، يورپي يونين ۽ آمريڪا وٽ تھ بليڪ لسٽ آھي، پر اھو بھ ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي تھ عالمي قوتن خاص ڪري آمريڪا ۽ اسرائيل جي فائدي  ۾ آيل تبديلي سان اھي قوتون اڻ سڌي ۽ سڌي ريت انھن جي آجيان ڪري رھيا آھن.اھو تھ ممڪن نھ آھي تھ افغانستان جي طالبان حڪومت جيان شام جي حڪومت ھلائي وڃي، ڇاڪاڻ ھي دور دنيا سان لڳ لاڳاپا قائم ڪري ھلي سگھڻ جو آھي. ان ڪري دنيا کي ڪٽجي ڪري ھلڻ ممڪن نھ آھي.مثبت ڳالهه ھي آھي تھ ھن وقت تائين باغي گروپ ڪنھن کان انتقام نھ وٺڻ جو اعلان ڪيو آھي ۽ سمورين ڌرين جي لاءِ في الحال عبوري سسٽم جوڙيو پيو وڃي.جنھن بعد ڪھڙو انتظام ڪيو ويندو.ڪھڙيون قوتون ۽ ڪھڙن خيالن وار گروپ حاوي رھن ٿا ان سان ئي اصل صورتحال کي سمجھڻ ۾ مدد ملندي.

ھن سموري گيم مان روس ۽ ايران ٻاھر نڪتل نظر اچي رھيا آھن پر ممڪن آھي تھ اھي پنھنجو اثر قائم ڪرڻ جي لاءِ باغي گروپن سان رابطو ڪري وٺن.ڇاڪاڻ جو سياست ممڪنات جي راند آھي.شام جي لڳ ڀڳ سموري نظام کي نئين سر ٺيڪ ڪرڻ جي بھ ضرورت آھي.دنيا ۾ ان کي ڪٿان ۽ ڪھڙي قبوليت ملندي ۽ ڪٿان ڪھڙي مدد ملندي اھو بھ صورتحال جو اھم پاسو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.