ڪراچي(پ ر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ بين الاقوامي سيڙپڪارن کي ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪار ي جي دعوت ڏني آھي. غير ملڪي بين الاقوامي سيڙپڪارن جي وفد ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٽرانسپورٽ جي مختلف منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وڏي وزير جي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ بابت خاص مددگار قاسم نويد قمر، ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال حڪيم دايو ۽ ٻين بھ شرڪت ڪئي. ملاقات دوران سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ غير ملڪي سيڙپڪارن کي ڪراچي سرڪلر ريلوي، بلٽ ٽرين، بس جي تياري جي پلانٽ، اي وي بسن، بي آر ٽيز ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. بين الاقوامي سيڙپڪارن ڪي سي آر، بلٽ ٽرين، بس پلانٽ جي قيام ۽ اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ ۾ بھ دلچسپي ظاھر ڪئي. ملاقات جي موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ جو بھ ارادو رکي ٿي، جنھن سان روزگار جا نوان موقعا کلندا، سنڌ سرڪار اي وي بسز ۽ اي وي ٽيڪسيز جي لاءِ چارجنگ ڊيپوز جي قيام سميت سيڙپڪارن جي ھر ممڪن مدد ڪندي. ھن سيڙپڪارن کي بلٽ ٽرين ۾ بھ سيڙپڪاري جي بھ دعوت ڏني ۽ چيو تھ ڪراچي کان سکر بلٽ ٽرين يا ھاءِ اسپيڊ ٽرين ھڪ تمام وڏو منصوبو آھي، ھن سروس سان لکين ماڻھو لاڀ حاصل ڪندا ۽ سيڙپڪارن کي بھ فائدو پھچندو. ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري عوام ۽ سيڙپڪار ٻنھي جي مفادن ۾ آھي. هن چيو تھ پاڪ چين دوستي تاريخي ۽ مثالي رھي آھي، چين پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪئي آھي، پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ تمام وڏي مارڪيٽ آھي، ھتي افرادي قوت تمام گھڻي آھي.