دنيا ۾ هن وقت آمراڻي تسلسل جو پاڻمرادو خاتمو اچي رهيو آهي عوام آمراڻي تسلسل جو خاتمو چاهي ٿو ۽ آزاد معاشري ۽ جمهوريت طرف لاڙو رکي ٿو. اهوئي سبب آهي جو شام ۾ پنجاهه سالن جاري خانداني سياست ۽ آمراڻي حڪومت جو عوامي بغاوت وسيلي خاتمو ٿي چڪو آهي.شام جو صدر بشارت الاسد عوامي بغاوت جي سٽ نه سهندي دمشق مان ڀڄي نڪتو ۽ ڪجهه لمحن جي گمشدگي جي اطلاعن بعد روس جي گادي واري هنڌ ماسڪو پهچي ويو آهي جتي کيس انساني همدردي جي بنياد تي پناهه ڏني وئي آهي جنهن کي پناهه چوڻ نه گهرجي پر ماسڪو کيس انهي ڪري پنهنجو ڪيو آهي جو شام روس جي اثر ۽ غلامي هيٺ رهيو آهي.هونئن به شام روس جي پاليسين ۽ اثر هيٺ رهندو آيو آهي جو هن شام جي صدر حافظ اسد جي دور کان روس جو ساڄو هٿ رهيو آهي جنهن ڪري اسد خاندان لڳ ڀڳ پنجاهه سال ملڪ تي حڪومت ڪئي جنهن دوران اتان جي ماڻهن جي بنيادي حق مفلوج رهيا مٿن تشدد ٿيو هزارن جي انگ ۾ عام ماڻهو ۽ سياسي اڳواڻ جيلن ۾ نظر بند رهيا جن کي بغاوت بعد هاڻ آزاد ڪيو ويو آهي.
شام وچ اوڀر جو هڪ تجارتي امت مسلمه جو ملڪ آهي جنهن جي اولهه واري علائقي ۾ بحريه روم اوڀر ۾ عرب صحرا بين النهرين ۽ ڪوه ثور جي وچ ۾ واقع آهي.تاريخ جي لحاظ کان فتح دمشق يا محاصره دمشق 21 آگسٽ سن 634ع کان 19 سيپٽمبر 634ع تائين جاري رهيو جنهن بعد هي شهر خلافت راشدين جي قبضي ۾ آيو.دمشق رومي سلطنت جو پهريون وڏو شهر هو جو شام جي اسلامي فتح جي وچ ۾ مسلمانن حاصل ڪيو.شام ۾ ڪنهن دور ۾ يزديد جي حڪمراني رهي جنهن دوران بعيت نه ڪرڻ تي نبي پاڪ ڪريم حضرت محمد مصطفي ﷺ جي پياري ۽ عظيم ڏهٽي حضرت امام حسين ۽ سندس ڪٽنب سميت لشڪر ۾ شريڪ ماڻهن کي ڪربلا جي جنگ ۾ شهيد ڪيو ويو جنهن بعد باقي بچي ويل ڪٽنب جي ڀاتين حضرت ذين العابدين ۽ بيبي زينب کي قيد ڪري يزيد جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو تنهن وقت کان شام مسلمانن لاءِِ ناانصافين ۽ سختين وارو ملڪ سڏيو وڃي ٿو.
هن ملڪ جي آمدني جو وڏو ذريعو سياحت آهي جتي هر سال هر ڏينهن هزارين زائر پهچن ٿا ۽ زيارتون ڪن ٿا.شام ۾ امن نه هجڻ ڪري گذريل ڪجهه سالن کان زائرين جي اچڻ وڃڻ جي رفتار نه هجڻ واري رهي.هن ملڪ سان لبنان اسرائيل فلسطين جون سرحدون به لڳن ٿيون جنهن ڪري به هتي سدائين خوف واري صورتحال رهندي آئي آهي. بهرحال ملڪ ۾ آيل انقلاب بعد هتان جو عوام جشن ملهائي رهيو آهي.اهي به اطلاع آهن ته شام جي نئين قيادت بشارت الاسد مٿان جنگي ڪيس هلائڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ ماسڪو کان گهر ڪئي ويندي ته صدر بشارت الاسد جي ٻانهن شام حڪومت حوالي ڪئي وڃي.
عوامي بغاوتن ڏانهن نظر وجهبي ته عرب ملڪن ۾ لبيا جي صدر ڪرنل قدافي مصر جي انور سادات عراق جي صدر صدام حسين ۽ ٻين جا به بغاوتن سبب تختا اونڌا ڪيا ويا هئا جن جي پس پرده پنهنجو عوام ته هو ئي هو پر پرڏيهي طاقتن آمريڪا جو به هٿ رهيو آهي بعد ۾ اتي آمريڪي تسلط واريون حڪومتون قائم ٿيون جيڪي هن وقت به اتي موجود آهن.هلندڙ سال جو رڳو جائزو وٺبو ته بنگلا ديش ۽ اترڪوريا ۾ به عوامي بغاوتون سامهون آيون ايتري قدر جو بنگلا ديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد به ملڪ ڇڏي ڀڳي ۽ هاڻ يورپ ۾ پناهه ورتل اٿس.جتي جتي به حڪومتن عوامي مفادن خلاف ڪم ڪيو يا عوام تي ظلم و تشدد ڪيا يا انساني حقن جي پائمالي ڪئي اتي اتي اهڙن حڪمرانن جا تختا بغاوتن وسيلي اونڌا ٿيا آهن اهڙن بغاوتن جي نتيجي ۾ ملڪ معاشي ۽ سياسي بحرانن جو شڪار ٿين ٿا ۽ ٻين ملڪن لاءِ هڪ قسم جو پيغام هوندو آهي جتي جتي عوامي مينڊينٽ کي تسليم ناهي ڪيو ويندو يا ووٽ جي عزت ناهي ڪئي ويندي.پاڪستان جون حالتون به بنگلا ديش اترڪوريا ۽ شام کان گهٽ ناهن هتي به ساڳي حالت آهي هتان جو عوام به حڪومت جي منفي روين سبب سياسي ۽ معاشي بحران طرف گامزن آهي.هڪ طرف پي ٽي آءِ ته ٻئي طرف جي يو آءِ جا داٻا آهن. هتي به فيبروري 2024 جي عام چونڊن بعد چونڊ نتيجن تي عوام کي خدشا آهن ۽ حڪومت خلاف ڌرڻا لڳي رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ڊي چوڪ واقعو پيش آيو جنهن تي پوري دنيا کي ڳڻتي آهي ۽ ممڪن آهي ته ن ليگ ۽ سندس اتحادين جي حڪومت به هلي پوي جنهن جي نتيجي ۾ قومي حڪومت جڙي يا وري نيون چونڊون ٿين بهرحال ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪنهن به امڪاني بغاوت کان بچڻ لاءِ حڪومت ۽ طاقتور ڌريون سنجيده ٿين ۽ ڪوشش ڪري نيون چونڊون ڪرايون وڃن پوليس ۽ عدالتن کي آزاد ڪري هر قسم جي مداخلت کان کين آزاد ڪيو وڃي نه صرف اهو پر سمورا سياسي قيدي به آزاد ڪيا وڃن ۽ مٿن داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.
جيئن ته ذڪر شام جي عوامي بغاوت جو ٿي رهيو هو اتي هن وقت ڪرفيو لاڳو آهي ۽ سمورا هوائي اڏا بند هجڻ ڪري اتي موجود هزارن جي انگ ۾ زائرين ڦاٿل آهن جن ۾ پاڪستان جا به اڍائي سئو جي لڳ ڀڳ آهن جيڪي هوٽلن ۾ بند ۽ محفوظ آهن دادو سميت سنڌ جي مختلف ضلعن جا زائرين به شامل آهن جن کي محفوظ رستن وسيلي پنهنجي ملڪ واپس ڪرڻ جو ڪوششون ٿي رهيون آهن.شام ۾ هي بغاوت ڪجهه ڏينهن اندر ڪامياب وئي ڪنهن به قسم جي ڪا مداخلت نه ٿي عوام دمشق جي چوراهن تي پهچي ڪاميابي جو جشن ملهايو جنهن دوران صدارتي محل تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي ۽ حافظ اسد جو مجسمو ڊاهي پٽ ڪيو ويو البته بشارت الاسد جي حامي وزيراعظم کي نين چونڊن ۽ اقتدار جي منتقلي تائين ڪم جاري رکڻ جو چيو ويو آهي.
شام ۾ آيل عوامي انقلاب جيڪو محدود مدت ۾ سامهون آيو آهي انهن ملڪن لاءِ به هڪ قسم جو پيغام بلڪ هدايت آهي ته دنيا هن وقت سهاڳ آهي ماڻهن تائين هر قسم جي رسائي ٿئي ٿي اهي پنهنجي حقن کان غافل ناهن ۽ حق وٺڻ ڄاڻين ٿا ۽ جبر کي منهن ڏئي سگهن ٿا.دنيا هن وقت جمهوريت ۽ انساني حقن جي حفاظت چاهي ٿو تنهن ڪري ڪنهن به اهڙي حڪومت کي برداشت نه ڪندو جيڪا ڏاڍ ۽ ظلم تي قائم هوندي.پاڪستان جي حڪومت ۽ طاقتورن کي شام بنگلا ديش ۽ اتر ڪوريا جي هنن تازن انقلابن کي نظر ۾ رکي ملڪ ۾ جمهوريت طرف وڌڻ گهرجي.