ڪيترائي ڀيرا اڳ بھ عرض ڪري چڪو آھيان تھ ھڪ فاسٽ بالر کي سمجهڻ آسان ڪم ناهي. هڪ فاسٽ بالر جي مڪمل شخصيت کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي جستجو ۾ توهان بند گھٽين ۾ ڀٽڪي ويندا آهيو. فاسٽ بالر جي باري ۾ کوج لڳائيندي جڏھن توهان ٿڪجي پوندا آھيو،تڏھن توھان کي بند گھٽي مان ٻاھر نڪرڻ جو رستو سجھندو نھ آھي.توھان بند گھٽي ۾ ڀٽڪي رھجي ويندا آھيو.ڪرڪيٽ راند جي داءُ پيچ کان اڻڄاڻ شخص فاسٽ بالر کي سمجهڻ کان قاصر رھجي ويندو آهي.ھو ڪاڪ منڊل ۾ ڀٽڪي ويندو آھي. ٽيم جي رانديگرن ۾ صرف وڪيٽ ڪيپر هڪ فاسٽ بالر کي سمجهي سگهي ٿو. صرف هڪ وڪيٽ ڪيپر اندازو لڳائي سگهي ٿو ته فاسٽ بالر اوور جو ايندڙ بال ايتري رفتار سان ۽ ڪٿي کيڏيندو. سمجھه کان مٿاھين شخصيت جي سُڃاڻپ آخري دم تائين ھن سان گڏ رھجي ويندي آھي.چوڻ ڪاڻ چئبو آھي تھ فلاڻي فاسٽ بالر 50 ٽيسٽ ميچن کيڏڻ کانپوءِ رٽائر وٺي ورتي. اھا ڳالھه سئو سيڪڙو درست ناھي ھوندي. هڪ genuine يعني حقيقي ۽ مستند فاسٽ بالر پنهنجي روين ، طور طريقن ۽ عادتن ۾ آخري ساهه تائين فاسٽ بالر رهي ٿو. هو مرندو به پنهنجي رنگ ڍنگ سان آھي.
1950 جي ڏھاڪي ۾ هڪ فاسٽ بالر اڪرام الاهي پنھنجو ڪو َمٽ نھ رکندو ھو. سنڌ مدرسته اسلام ڪراچي ۾ ميٽرڪ جو شاگرد هو. اڪرام الاهي ڪيترن ئي رانديگرن کي پنهنجي باؤنسرز کي ھميشھ لاءِ انفٽ ڪري چڪو هو. منهنجو پاڙيسري هو. حنيف محمد سان ھو نھ ٺھندو ھو. جيتوڻيڪ حنيف محمد به سنڌ مدرسته الاسلام ۾ پڙهندو ھيو ۽ اڪرام الاهي جو ٽيم ميٽ ۽ ڪو ليگ هو. نيٽ پريڪٽس دوران هو گھڻي ئي جارحاڻي انداز ۾ حنيف محمد خلاف بالنگ ڪندو هو. ھڪ قومي سطح جي ميچ ۾حنيف محمد گھڻو ڪري بهاولپور پاران بيٽنگ ڪري رهيو هو. اڪرم الاهي ڪراچي لاءِ کيڏي رهيو هو. حنيف محمد هڪ سئو پنجاهه رنسون ٺاهي ورتيون ھيون. اڪرام الاهي انتهائي ڪاوڙ ۾ حنيف محمد خلاف بالنگ ڪري رهيو هو. جيترو هو hostile بالنگ پيو ڪري ، حنيف ٿڌي مزاج سان اھو کيڏي پيو ۽ چوڪا پيو هڻي. ڪاوڙ ۾ ڀرجي اڪرام الاهي ڊوڙندو آيو، اڌ پچ تائين ھليو ويو ۽ beamer بال حنيف جي مٿي ۽ سيني ڏانهن اڇلايو. حنيف محمد ذري گھٽ بچي ويو. بيمر ممنوع آهي ان ۾بالر ڄاڻي واڻي بيٽسمين جي مٿي ۽ سيني کي نشانو بڻائي ٿو. امپائر، اڪرام الاهي کي تنبيھه ڪئي. اڪرام الاهي ڪاوڙ ۾ جواب ڏيندي امپائر کي چيو، ته توهان مون کي نو بال ڪري سگهو ٿا. مون کي ڌمڪي نه ٿا ڏئي سگھو. اڪرم الاهي ڪاردار جي ٽيم جو ميمبر هو. ويسٽ انڊيز ويو ھو. پر پنهنجي رويي جي صرف ھڪ ميچ کيڏيو، دنيا ۾ جيترا بھ فاسٽ بالر، بد انديش ۽ جارحاڻي بالنگ ڪندا هئا، شگھي عرصي تائين ڪرڪيٽ کيڏي نھ سگھيا. اسان جو عمران خان ڪڏهن بھ ڪاوڙ ۾ نھ ايندو ھو.طيش ۾ نھ ايندو ھو. هڪ اوور ۾ ٽن ڇڪن لڳڻ بعد عمران خان اوور، جو چوٿون بال بھ ان ئي ھنڌ اڇليندو ھو.جنھن جاءِ تان بيٽسمين ھن کي ٽي ڇڪا هڻي چڪا ھوندا هئا. عمران خان پيدائشي اسپورٽس مين آهي. هو ڄاڻندو ھو تھ the cricket a game of glorious uncertainties چوٿون بال تي ھوڪ شاٽ کيڏندي بيٽسمين اسڪوائر ليگ تي پڪڙي ويندو آھي.
سڄي دنيا جي بالرن جي ابتڙ،وڏي کان وڏي بيٽسمين کي آئوٽ ڪرڻ بعد عمران خان ميدان ۾ قلابازيون کائي پنھنجي ڪارنامن جا جشن نھ ملھائيندو ھو. ڪڏهن ڪڏهن پري کان ڏسندڙن کي عمران خان اڪثر اڻ گھڙيو ۽ بد لحاظ لڳندو ھو، نه ڪنھن ڪنهن رانديگر جي سفارش ڪندو ھو ۽ نه ئي ڪنهن رانديگر جي سفارش قبول ڪندو ھو، ميرٽ تي پورو لهندڙ رانديگر عمران خان جي ٽيم پاران کيڏي سگهندو ھو. عمران ڪڏهن به سليڪٽرن جي من ماني ٽيم ۾ هلڻ نه ڏيندو ھو.کري ٻڌندو ھو،کري ٻڌائيندو ھو. انگلينڊ جي دوري تان واپس ايندي اوپننگ بيٽسمين قاسم عمر کان نھ ڄاڻ ڪھڙي غلطي ٿي وئي.قاسم عمر ڪمال جو بيٽسمين ھو، جيڪڏهن يادگيري مون کي دکو نھ پئي ڏئي، مان سمجهان ٿو ان ٽوئر تي قاسم عمر لارڊز گرائونڊ ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪئي ھئي. خبر ناهي هن شخص کان ڪھڙي غلطي ٿي وئي ھئي جو عمران خان ھن کي ٽيم مان اهڙي طرح ڪڍي ڇڏيو جو پوءِ سالن تائين پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کيڏندي ڪنھن کي نظر نھ آيو.انگريزي لفظ charisma جو نعم البدل لفظ اردو ۾ مون کي نھ ٿو ملي.توهان ان کي قدرت جي (دين) ڪرم چئي سگهو ٿا.شھرت ان لفظ جي سامهون معمولي وصفت لڳي ٿي.اسان ان ُڳڻ کي ڪرشمو چئي سگھون ٿا. پر ڪرشمو، charisma جي معني ۽ مفھوم نھ آھي. ڪنهن ڪنھن جي حصي ڪير زمھ ايندو آھي. ھي قدرت ڪو ڪرم آھي. دنيا ۾ سڀ کان وڏو فٽبال جو رانديگر برازيل جي پيلي Pele کي چيو ويندو آھي ۽ مڃيو ويندو آھي. پر ڪيرزمھ ارجنٽائن جي ميراڊونا کي نصيب ٿيو.
تازو ئي ھن جي وفات ٿي .فوٽ بال کيڏندڙ اسي، نوي ملڪن ۾ ميراڊونا جا ُڳڻ ڳايا ويندا آھن. اٽلي جھڙن يورپي ملڪن ۾ ميراڊونا کي پوڄيو ويندو آهي. روڊ رستن،گھٽين محلن ۾ ھن جون وڏيون وڏيون تصويرون ۽ پينٽنگز ڏسڻ ۾ اينديون آھن.پر ارجنٽائن جي ڪنھن نيڪ ماڻهو کي ميراڊونا کي ارجنٽائن جو وزيراعظم بڻائڻ جو خيال نھ آيو. مون کي ناھي معلوم تھ عمران خان کي سياست جي ڌٻڻ ۾ا ڌڪيندڙن ڇا ڏسي ڪري عمران خان کي سياست ۾ اچڻ تي راضي ڪيو. عمران خان اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ سياست نه ڪندو ھو. ھو صرف کيڏندو ھو. پروفيشنل رانديگر بڻجي وڃڻ کان پوءِ به هن پاڻ کي راندين واري سياست کان پري رکيو. آخر ڇا سوچي توهان بي مثال رانديگر کي سياست جي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيو ؟ ڪاش توهان عمران خان کي سياست جي بدنام ُگر کان آگاهه ڪيو هجي ھا. ”وڏو سياستدان ضرورت جي تحت گڏھ کي پيءُ ٺاھڻ کان بھ پاسو نھ ڪندو آھي.“
(روزاني جنگ جي ٿورن سان)